Share this link via
Personality Websites!
387876
5110
اسان بَغداد ۾ سَيدُنا شَيخ مُحِي الدِّين عبدُالقادِر رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي مَدرَسي ۾ هئاسين، هڪ خَلِيفو سندن جي خِدمَت ۾ آيو ۽ سَلام کان پوءِ عَرض ڪيو ته مون کي ڪجھ نَصِيحَت فرمايو ۽ مال و زَر جون ڏھ (10) ڳوٿريون پيش ڪيون، جنهن کي خادِم کڻي بيٺو هو، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمايو: مون کي انهن ڳوٿرين جي ضَرُورَت نه هئي پر خَلِيفي واپس وٺڻ کان اِنڪار ڪيو ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تي زور ڀريو، پاڻ هڪ ڳوٿري پنهنجي ساڄي هٿ ۾ کنئي ۽ ٻي کاٻي ۾ ۽ ٻنهي کي دَٻائي نچوڙيو ته ان مان رت وهڻ لڳو، پوءِ پاڻ ان خَلِيفي کي فرمايو: ڇا تون الله عَزَّوَجَلَّ کان حياء نٿو ڪرين جو ماڻهن جو رت کڻي مون وٽ آيو آهين؟ هي ٻڌي هو بيهوش ٿي ويو۔ (بهجۃ الاسرار،ذڪر فصول من ڪلامه ۔۔الخ،ص۱۲۰)
اي عاشقانِ غوثِ اعظم! بلند آواز سان نعرن جو جواب ڏيو۔
محتاج کی ثَروت غوثِ پاک وہ آپ کی ہیبت غوثِ پاک
دو جذبۂ خدمت غوثِ پاک دُوں نیکی کی دعوت غوثِ پاک
٭مرحبا یا غوثِ پاک٭مرحبا یا غوثِ پاک٭مرحبا یا غوثِ پاک
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي مان هڪ ڳالھ اها معلوم ٿي ته حُضُور غَوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه زهدوتقويٰ جا پيڪر ۽ دُنيوِي مال و دَولَت سان بي رغبت هئا، تڏهن ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ان خَلِيفي جي دَولَت ٺڪرائي ڇڏي، ٻي ڳالھ اها به معلوم ٿي ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه منصب رکڻ وارن جي رُعب ۽ دٻدٻي سان متاثر نه ٿيندا هئا ۽ نه ئي وڏي منصب وارن جي خُوشامد ۽ چاپلوسي ڪندا هئا بلڪه انهن کي گناهن ۾ ملوث ڏسي انهن کي نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا، وعظ و نصيحت ڪندا هئا ۽ هر طرح سان انهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪندا هئا۔ ڇوته دولت مندن جي خُوشامد ته اهو ڪري، جنهن کي دُنيا جي ذليل دَولت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami