Share this link via
Personality Websites!
387874
5110
۾ حاضِر ڪيون، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان مان کاڌيون ۽ مون کي فرمايائون: الله پاڪ تنهنجي زمين، تنهنجي دِرهم، تنهنجي صاع (مخصوص پيماني) ۽ تنهنجي (جانوَرن جي) کير ۾ بَرَڪت ڏي۔“
حضرت سَيدُنا شَيخ اِسماعيل بن علي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: منهنجي زمين ۾ ان سال جي مِقدار کان 2 کان 4 ڀيرا وڌيڪ فَصل پيدا ٿيڻ شُروع ٿيو، هاڻي منهنجو حال هي آهي ته جڏهن مان هڪ دِرهم خَرچ ڪندو آهيان ته ان سان مون وٽ ٻه (2) کان ٽي (3) ڀيرا وڌيڪ مال اچي ويندو آهي ۽ جڏهن مان ڪڻڪ جون سو (100) ٻوريون ڪنهن گھر ۾ رکندو آهيان، پوءِ ان مان پنجاھ (50) ٻوريون خَرچ ڪري ڇڏيندو آهيان ۽ باقين کي ڏسندو آهيان ته سو (100) ٻوريون مَوجُود هنديون آهن۔ منهنجا جانور ايتري قَدَر ٻچا ڏين ٿا جو مان انهن جي ڳڻپ وسري ويندو آهيان۔ اهو حال حضرت سَيدُنا شَيخ عَبْدُالقادِر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بَرَڪت سان اڃا تائين باقِي آهي۔ (بهجةالاسرار، ذڪرفصول من ڪلامه۔۔۔الخ، ص۹۱)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اهي آهن حضور غوث پاڪرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي مبارڪ وجود جون برڪتون۔ يقيناً اسان اهو سوچيندا هونداسين ته حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي ايتري قدر شان ۽ عظمت ۽ وڏو رتبو ڪيئن نصيب ٿيو، ته ياد رکو! جيڪي ماڻهو پنهنجي زندگي ربِّ ڪريم جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ۾ گذارين ٿا، ته الله ڪريم انهن کي پنهنجي حقيقي محبت عطا فرمائيندو آهي ۽ انهن کي ڪيئي ڪرامتن سان نوازيندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو
٭ اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي زندگي جو هر هر لمحو شريعتِ مطهره تي عمل ڪندي گذرندو هو ٭ اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرائض و واجبات جي پابندي ڪندا هئا۔ ٭ اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پيدا ٿيندي ئي روزو رکي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami