Faizan Rabi-ul-Akhir

Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

صدقي اسان به پنهنجي ذات جي خاطر اجايو غصو ڪرڻ کان بچڻ وارا بڻجي وڃون، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان به پنهنجي زبان کي فضوليات کان بچائيندي ڏينهن جو اڪثر حصو خاموشي اختيار ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان به هر مسلمان کي سلام ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان به اميرن ۽ مالدارن وٽ پنهنجي ذات جي لاءِ نه بلڪ صرف پنهنجي پياري تحريڪ دعوتِ اسلامي جي خاطر فنڊنگ (Funding) ۽ قرباني جي کلن جي لاءِ رابطو ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔

ہُوں بظاہر بڑا نیک صورت                          کر بھی دے مجھ کو اب نیک سیرت

ظاہر اچھا ہے باطن بُرا ہے                           یاخدا تجھ سے میری دعا ہے

(وسائل بخشش مرمم،ص۱۳۵)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ غوثِ اعظم! رَبيعُ الْآخِر جو مهينو جاري ۽ ساري آهي۔

رَبيعُ الآخِر ”يارهين جو مهينو  آهي“

            رَبيعُ الْآخِر کي سرڪارِ بغداد، حضورِ غوثِ پاڪ شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان نسبت آهي ڇوته هن مهيني جي يارهين تاريخ تي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو وصال ٿيو هو۔ (مرآۃ الاسرار(مترجم)،ص۵۷۱۔ تاريخ مشائخ قادريه، ۱/۱۷۱) ان ڪري عاشقانِ اوليا حضورِ غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي روح کي ثواب پهچائڻ جي لاءِ نذرو نياز ڪندا آهن۔ انهيء مناسبت سان هن مهيني کي ”يارهين شريف“ جو مهينو به چيو ويندو آهي۔

يارهين شريف ڇا آهي؟

          بهارِ شريعت جا مُصَنِّف حضرت علامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رَبيعُ الْآخِر جي يارهين تاريخ بلڪ هر مهيني جي يارهين تي حُضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فاتحه ڏياري ويندي آهي، اها به ايصالِ ثواب جي هڪ صورت آهي بلڪ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي جڏهن به فاتحه