Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir
جڏهن کيس وٽ ڪو تحفو ايندو هو ته حاضرين ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا، تحفو قبول ڪندا هئا ۽ ان جو بدلو عطا فرمائيندا هئا، پنهنجي نفس جي لاءِ ڪاوڙ نه ڪندا هئا۔ (بهجۃ الاسرار، ص ۱۹۹ تا۲۰۱ملتقطاً)، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خاموشي سندن گفتگو کان گھڻي هوندي هئي۔ (قلائد الجواهر،ص۶)، سلام ۾ پهل ڪندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪڏهن به اميرن ۽ سردارن جي تعظيم جي لاءِ نه بيهندا هئا ۽ نه ئي وزيرن ۽ بادشاهن جي در تي ويا۔ (قلائد الجواهر، ص۱۹،ملتقطاً)
تِرے دَر سے ہے منگتوں کا گُزارا یا شہِ بغداد یہ سُن کر میں نے بھی دامن پَسارا یا شہِ بغداد
شَہا!خَیرات لینے کو سلاطینِ زمانہ نے تِرے دَربار میں دامن پَسارا یا شہِ بغداد
(وسائلِ بخشش مُرمّم ، ص۵۴۴)
اي عاشقانِ رسول! ٻڌو اوهان! اسان جا غوثِ پاڪ ڪيتري قدر بهترين خوبين وارا هئا۔ اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان جون عادتون (Habbits) به چڱيون ٿي وڃن، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان جا اخلاق به سٺا ٿي وڃن، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان به مدني انعامات تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان کي به مخلوقِ خدا جي خير خواهي ڪرڻ وارو ذهن عطا ٿي وڃي، اي ڪاش! اسان به مهرباني، شفقت ۽ مهمان نوازي ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي ربِّ ڪريم اسان کي به سخاوت ڪرڻ وارو بڻائي ڇڏي، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان به حاجت مندن جون حاجتون پوريون ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان به مسڪينن ۽ غريبن تي شفقت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان کي به ڪمزورن سان گڏ ويهڻ جي توفيق نصيب ٿي وڃي، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان کي به بيمارن جي عيادت ڪرڻ واري سوچ عطا ٿي وڃي، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان کي به مسجدن ۽ مدني ڪمن مثال طور سُنّتن ڀري اِجتماعات، مَدَني مذاڪرن وغيره ۾ حاضري نه ڏيڻ وارن اسلامي ڀائرن جي خبرگيري جي توفيق ملي وڃي، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان به پنهنجي اسلامي ڀائرن کي عزت ڏيڻ، انهن سان چڱي نموني پيش اچڻ ۽ انهن جي غمن کي دُور ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي صدقي اسان به لنگرِ رضويه ۾ پنهنجي پاران خرچ ڪري اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي دعائن مان حصو وٺڻ وارا بڻجي وڃون، اي ڪاش! غوثِ پاڪ جي