Faizan Rabi-ul-Akhir

Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

الله پاڪ جي نبي، مڪي مَدَني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ بخشش نشان آهي: جيڪو شخص اهڙي شيء جنهن جي پاڻ کي حاجت هجيس، اها ٻين کي ڏئي ته الله پاڪ ان کي بخشي ڇڏيندو آهي. (اتحاف السادة للزبيدي ج 9 ص 779) ان کان علاوه فيضانِ سنت جلد پهرين صفحي 468 تي حضرت سيّدُنا ابو سُليمان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اهو ارشادِ پاڪ به لکيل آهي: نفس جي ڪنهن خواهش کي ڇڏڻ 12 مهينن جي روزن ۽ رات جي عبادتن کان وڌيڪ دل جي لاءِ فائديمند آهي.“ (اِحياءُ العلوم،۳/۱۱۸)

مجھے ایسا شیدا بنا غوثِ اعظم                              کہ ہو جاؤں تجھ پر فدا غوثِ اعظم

مِرے پیر روشن ضمیر آپ کو تو                          مرے حال کا ہے پتا غوثِ اعظم

                                                                                                                                                (وسائل بخشش مرمم ، ص ۵۵۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! پيرانِ پير روشن ضمير شيخ عبدُالقادِر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهي عظيم ولي آهن جن جي سڄي زندگي الله ڪريم جي عبادت ۽ مخلوقِ خدا جي خدمت ۾ گذري۔ الله ڪريم سندن کي بيشمار خوبين سان نوازيو هو۔ اچو! سرڪارِ بغداد، حضورِ غوثِ پاڪ جي ذات ۾ موجود خوبين جون ڪجھ جھلڪيون ملاحظه ڪيون ٿا،

 الله ڪريم پيرِ لاثاني، شهبازِ لامڪاني، غوثِ صَمَداني، قطبِ ربّاني، شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي بهترين اخلاق سان نوازيو هو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهندا هئا، مخلوقِ خدا جي خير خواهي ڪندا هئا، مهربان، شفيق ۽ مهمان نواز هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏا سخي هئا، سوالي کي خالي هٿ نه موٽائيندا هئا، مسڪينن ۽ غريبن تي بيحد شفقت فرمائيندا هئا، ڪمزورن سان گڏ ويهندا هئا، بيمارن جي عِيادت ڪندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ساٿين مان ڪو بارگاھ ۾ حاضر نه ٿيندو هو ته ان جي خبرگِيري ڪندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ساڻ رهڻ واري جي عزت ڪندا هئا ۽ ان سان چڱي نموني پيش ايندا هئا، جڏهن ان کي غم جي حالت ۾ ڏسندا ها ته ان جا غم دور ڪندا هئا، سندن جو هر ساٿي اهو ئي سمجھندو هو ته مان ئي سندن وٽ وڌيڪ عزت وارو آهيان، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هر رات دستر خوان وڇائڻ جو حڪم ڏيندا هئا ۽ مهمانن سان گڏ کاڌو کائيندا هئا،