Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir
مان تمام گهڻو خوش ٿيس. مون بچيل کاڌو ۽ وڌيڪ ڪجهه رقم ان کي پيش ڪئي اها هن قبول ڪئي ۽ هليو ويو. (الذيل علي طبقات الحنابلۃ ۳/۲۵۰)
طلب کا منہ تو کس قابِل ہے یاغوث
مگر تیرا کرم کامِل ہے یاغوث
(حدائقِ بخشش ،ص۲۶۱)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هينئر جيڪا اسان حڪايت ٻڌي، اها حڪايت اميرِاَهلسنّت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رسالي ”سانپ نُما جِنّ“ جي صفحي نمبر 11 تان بيان ڪئي وئي آهي۔ هن رسالي ۾ اميرِ اهلسنت غوثِ پاڪ جي سيرت بابت مزيد ايمان افروز حڪايتون نقل ڪيون آهن، تنهنڪري اڄ ئي هن رسالي کي مڪتبةُ المدينه جي بستي تان هديو ڏئي طلب فرمايو ۽ ان جو مطالعو فرمايو، دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن رسالي کي پڙهي به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ ۽ پرنٽ آؤٽ به ڪري سگھجي ٿو۔
اي عاشقانِ غوثِ اعظم! بيان ڪيل حِڪايت ۾ اسان لاءِ بي شمار نڪتا موجود آهن، ڏسو ته سهي! هڪ پاسي اسان جا مرشد حضور غوثُ الۡاعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه آهن جن سخت ضرورت ۽ بُکَ هجڻ جي باوجود غذا ۽ رقم جي معاملي ۾ بيمثال ايثار کان ڪم ورتو جڏهن ته ٻئي پاسي اسان آهيون جو بکارا رهڻ ته پري جي ڳالھ آهي پر بالفرض يارهين شريف جي نياز جي برياني ئي سامهون اچي ته حِرص جو اهڙو غلبو طاري ٿي ويندو آهي جو دل چاهيندي آهي ته پورو ٿال مان ئي کائي وٺان، ٻوٽي ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪنهن کي چانورن جو داڻو به نه ملي!! اي عاشقان غوثِ اعظم! اوهان کي جڏهن ٻين سان ملي کائڻ جو اتفاق ٿئي ته وڏا وڏا گرهه بنا چٻاڙي جلد جلد کائڻ ۽ سٺيون ٻوٽيون پنهنجي طرف ڪرڻ جو حِرص غالب اچي ته ان وقت پنهنجي مرشد غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بيان ڪيل حڪايت سان گڏوگڏ هي فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به ذهن ۾ دُهرايو: