Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir
پاڪ جون رحمتون لُٽڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا۔ اچو! پهريان حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مختصر تعارف ٻڌون ٿا
غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مختصر تعارف
حضور غَوثُ الاَعظَم شيخ عبدُالقادِر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وِلادَتِ باسَعادَت پهرين رَمَضان ۴۷۰ھ جُمعَةُ المُبارَڪ جو جِيلان ۾ ٿي۔ سندن ڪُنيت ابُومحّمد آهي جڏهن ته مُحِي الدِّين، مَحبوبِ سُبحاني، غَوثِ اَعظم، غَوثِ ثَقَلَين وغيره سندن لقب آهن۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي والِدِ مُحتَرم جو نالو حضرت سَيدُنا ابُو صالِح مُوسيٰ جَنگي دوست ۽ والِده مُحتَرَمَه جو نالو اُمُّ الخَير فَاطِمَه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهَا آهي، پاڻ والِدِ محترم جي طرف کان حَسَنِي ۽ امڙ سائڻ جي طرفان حُسَينِي سَيد آهن۔ حضرتِ ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا شَيخ عبدُ القادِر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۱۱رَبِيعُ الآخِر ۵۶۱ھ هجري ۾ مَغرِب نماز کان پوءِ بَغداد شريف ۾ وِصال فرمايو، وِصال مهل سندن عُمر شريف تَقرِيباً 91 سال هئي، جَنازي نماز شهزاده غَوثِ اَعظم حضرت سَيدُنا سَيفُ الدِّين عبدُالوهاب قادِرِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پڙھائي ۽ بيشمار ماڻهن جَنازي ۾ شِرڪت ڪئي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مَزارِ پُراَنوار عِرَاق جي مَشهور شهر بَغداد شريف ۾ آهي جتي ڏينهن رات زَائِرِين جو هجُوم رهندو آهي۔ (الزيل علي طبقات الحنابلۃ،۳/ ۲۵۱)
مِرے خواب میں آ بھی جا غوثِ اعظم پِلا جامِ دِیدار یاغوثِ اعظم
کچھ ایسی پِلا دو شرابِ محبت نہ اُترے کبھی بھی نشہ غوثِ اعظم
(وسائلِ بخشش مُرَمَّم،ص۵۵۲)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ اولياء! پهريان حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اِيثار واري جذبي تي مشتمل هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌون ٿا؛
زمين مان چونڊي چونڊي ٽڪرا کائڻ
حضرت شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا؛ آءُ شهر ۾ جڏهن کائڻ جي