Faizan Rabi-ul-Akhir

Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭  ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭  ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭  ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭  صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭  بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”فيضانِ رَبيعُ الْآخِر“ جنهن ۾ اُمُ المومنين حضرت زينب بنتِ خزيمہ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جو ذڪرِ خير ٻڌنداسين، حُضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ايثار تي مشتمل هڪ ايمان افروز واقعو ۽ سندن جي سيرت جون ڪجھ جھلڪيون بيان ٿينديون، رَبِيۡعُ الْآخِر کي ڪهڙي نموني گذارڻ گھرجي، بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهِم هن مهيني جي مناسبت سان ڪهڙين عبادتن جو ذڪر فرمايو آهي اهو به ٻڌنداسين۔ آخر ۾ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه  رَبيعُ الْآخِر ۽ حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نسبت سان يارهين جي تعريف ۽ برڪتون به بيان ٿينديون۔ ان کان علاوه ٻيا به کوڙ اَهم نڪتا (Points) اسان ٻڌنداسين۔ اي ڪاش! اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت نصيب ٿي وڃي۔ آمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ