Faizan Rabi-ul-Akhir

Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: چار شيون نبين جي سُنّت ۾ داخل آهن: نڪاح، مسواڪ، حيا ۽ خوشبو لڳائڻ۔ (مشڪاةالمصابيح، ڪتاب الطهارة، باب السواڪ،۱/۸۸، حديث:۳۸۲) ٭  پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خوشبو جو تحفو رد نه ڪندا هئا۔ (سنتيں اور آداب ص۸۵) ٭  نماز جمعه جي لاءِ خوشبو لڳائڻ مستحب آهي۔ (بهار شريعت ۱/۷۷۴،حصه ۴ملخصاً) ٭  نَماز ۾ ربّ سان مُناجات آهي ته ان جي لاءِ زينت ڪرڻ عطر لڳائڻ مُستَحب آهي۔ (نيڪي ڪي دعوت، ص۲۰۷) ٭  پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هميشه عمده خوشبو استعمال ڪندا هئا ۽ ان جي ٻين ماڻهن کي به تلقين ڪندا هئا۔ (سنتيں اور آداب ص۸۳) ٭  ناخوشگوار بو يعني بدبو پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ناپسند ڪندا هئا۔ (سنتيں اور آداب ص۸۳) ٭  مَردن کي پنهنجي لباس تي اهڙي خوشبو استعمال ڪرڻ گھرجي جنهن جي خوشبو ڦهلجي پر رنگ جا چٽا وغيره نظر نه اچن۔ (سنتيں اور آداب ص۸۵) ٭  عورتن جي لاءِ مهڪ جي منع هن صورت ۾ آهي جڏهن ته اها خوشبو اجنبي مردن تائين پهچي، جيڪڏهن اهي گھر ۾ عطر لڳائن جنهن جي خوشبو خاوند يا اولاد، ماءُ پيءُ تائين ئي پهچي ته حرج ناهي۔ (سنتيں اور آداب ص۸۵) ٭  اسلامي ڀينرن کي اهڙي خوشبو نه لڳائڻ گھرجي جنهن جي خوشبو اُڏامي غير مردن تائين پهچي وڃي. (سنتيں اور آداب ص۸۶) ٭  فرمايائون: عورت جڏهن خوشبو لڳائي ڪنهن مجلس وٽان گذرندي آهي ته اها اهڙي ۽ اهڙي آهي يعني بدڪاره آهي۔ (جامع الترمذي ،ڪتاب الادب ،باب ما جآء في ڪراهية خروج المرأةمتعطرة،۴ /۳۶۱، حديث: ۲۷۹۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

سیکھنے سنّتیں  قافلے میں چلو                                       لُوٹنے رَحمتیں قافلے میں چلو

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد