Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir
برڪت سان گناهن کان بچڻ جو ذهن ملندو آهي. ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان علمِ دين حاصل ٿيندو آهي. ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان دِيني معلومات سان گڏوگڏ اخلاقي تربيت به نصيب ٿيندي آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! ڪثير اسلامي ڀائر مدني مذاڪري جي برڪت سان پنهنجي گناهن ڀري زندگي کان توبه ڪري چڪا آهن. اچو! نيت ڪريون ٿا ته اسان به هر هفتي ”مدني مذاڪرو“ ڏسڻ کي يقيني بڻائينداسين ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به مدني مذاڪرو ڏسڻ جي دعوت ڏيندا رهنداسين اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ . هفته وار مدني مذاڪري کان علاوه مختلف موقعن تي به مدني مذاڪرن جو سلسلو ٿيندو آهي، مثال طور محرم الحرام جا 10 مدني مذاڪرا، ماھ ربيع الاول جا12 ٻارنهن مدني مذاڪرا، ماھ ربيع الآخر جا 11 مدني مذاڪرا، ماھِ رمضان ۾ روزانو ٻه مدني مذاڪرا، ذالحج جا 10 مدني مذاڪرا وغيره.
حيدرآباد(سنڌ) جي علائقي ڦليلي جو هڪ اسلامي ڀاءُ روزانو مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي سعادت ماڻڻ لڳو. مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي برڪت سان ڏينهن و ڏينهن گناهن کان نفرت ۽ نيڪين سان محبت وڌڻ لڳي. مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي برڪت سان ڪردار ۽ اندازِ زندگي ۾ تبديلي اچڻ لڳي. مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي برڪت سان سنتن تي عمل جو جذبو مليو. مدني مذاڪري جي برڪت سان مدني ڪمن ۾ دلچسپي نصيب ٿئي.
اے بیمارِ عِصیاں تُو آجا یہاں پر گُناہوں کی دیگا دَوا مَدَنی ماحول
گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول
پِلا کر مَئے عشق دیگا بَنا یہ تمہیں عاشِقِ مُصْطَفٰے مَدَنی ماحول
(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۶۴۸)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ خدمتِ دين جي 107 شعبن ۾ سُنّتن جون ڌُومون مچائي رهي آهي، جن مان هڪ شعبو ”مجلس مَدَني مذاڪره “ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! شَيخِ طريقت، اميرِاهلسُنَّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد