Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir
جيڪڏهن اها ڪامل آهي ته ڪامل لکي ويندي، ۽ جيڪڏهن مڪمل نه ٿي ته الله پاڪ ملائڪن کي فرمائيندو: ڇا منهنجي ٻانهي وٽ ڪجھ نفل آهن؟ جيڪڏهن ان وٽ نفل آهن ته الله ڪريم فرمائيندو: ان جي فرضن کي نفلن جي ذريعي پورو ڪري ڇڏيو۔ پوءِ اهڙي طرح زڪوٰۃ ۽ ٻين عملن جو حساب ورتو ويندو۔ (ابوداود،ڪتاب الصلاة،باب قول النبي ڪل صلاة۔۔۔الخ،۱/۳۲۹،حديث: ۸۶۴، ۸۶۶)
حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حديثِ پاڪ جي هن حصي ”فرضن کي نفلن جي ذريعي پورو ڪري ڇڏيو“ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: هتي ڪمي مان ادا ۾ ڪمي مراد ناهي بلڪ ادا جي طريقي ۾ ڪمي مراد آهي يعني جيڪڏهن ڪنهن فرض ناقص طريقي سان ادا ڪيا هوندا ته اها ڪمي نفلن سان پوري ڪئي ويندي۔ اهو مطلب ناهي ته اهو ٻانهو فرض نماز نه پڙھي نفل پڙھندو رهي ۽ اتي نفل فرض بڻجي ويندا۔ (مرآۃ المناجيح،۲/۳۰۷)
مَدَني مُذاڪرن جي ترغيب
اي عاشقانِ رسول! جيڪڏهن اسان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وينداسين ته نفل ادا ڪرڻ، نفل روزا رکڻ، علمِ دين سکڻ ۽ پاڻ کي هميشہ عبادت ۾ مصروف رکڻ اسان لاءِ آسان ٿي ويندو. هينئر اسان رَبيعُ الْآخِر جي مهيني جي مناسبت سان ڪجھ نفلن جي باري ۾ ٻڌو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هن جي پهرين 11 ڏينهن ۾ نمازِ عشاء کانپوءِ مدني چينل تي اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مقبولِ عام سلسلو مدني مذاڪرو براھِ راست نشر ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ اميراهلسنت حضرت علامه و مولانا الياس عطار قادري سوالن جي جوابن جي ذريعي زندگي جي هر شعبي جي معتلق رهنمائي فرمائيندا آهن. تمام عاشقانِ رسول پاڻ به اهو مدني مذاڪرو ڏسڻ ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيارڻ جي نيت ڪيو.
12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”هفته وار مدني مذاڪرو“
ياد رهي! ذيلي حلقي جي ٻارنهن مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”هفته وار مدني مذاڪرو“ به آهي جيڪو هر ڇنڇر تي مدني چينل تي براھِ راست نشر ڪيو ويندو آهي. ٭ هن مدني ڪم جا بيشمار ديني ۽ دنياوي فائده آهن. ٭ مدني مذاڪري جي