Faizan Rabi-ul-Akhir

Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

انهيءَ طرح هن مبارڪ مهيني ۾ اها به ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اسان اوَّابين جا نفل پڙهون. هن ۾ جيڪڏهن سُستي آهي ته ثوابِ آخرت کي پيش نظر رکندي سُستي کي چُستي ۾ بدلڻ جي ڪوشش ڪريون.

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : جيڪو مغرب کانپوءِ 6 رڪعتون پڙهي، جن جي درميان ڪا بري ڳالھ نه ڪري ته اها 12 سالن جي عبادت جي برابر هوندي. (مشکاة، کتاب الصلوٰۃ، باب السنن وفضائلھا، ۱/ ۲۳۲، حدیث:۱۱۷۳)

 زهي قسمت ته هن مهيني جون برڪتون ميڙڻ لاءِ اسان تهجد پڙهڻ وارا به بڻجي وڃون. اچو تهجد جي فضليت تي 2 فرامين مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا:

ارشاد فرمايائون: فرض نماز کانپوءِ سڀ کان افضل نماز رات جو پڙهي ويندڙ نماز آهي. ۔  (مسلم ،کتا ب الصیام ، با ب فضل صوم المحرم ،۱/ ۵۹۱، حدیث:۱۱۶۳)

ارشاد فرمايائون: بيشڪ جنت ۾ ڪجھ اهڙا محل آهن جن مان آرپار نظر اچي ٿو، الله پاڪ اهي محل انهن ماڻهن لاءِ تيار ڪيا آهن جيڪي محتاجن کي کاڌو کارائن ٿا، سلام کي عام ڪن ٿا ۽ رات جو جڏهن ماڻهو سُتل هجن ته نماز پڙهندا آهن. ( ابن حبا ن، کتا ب البر والاحسان ،باب افشا ء السلام واطعام الطعام ، ۱/ ۳۶۳، حدیث: ۵۰۹)

 

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الله ڪريم جي رضا ماڻڻ جي لاءِ نفل ادا ڪرڻ تمام وڏي سعادت جي ڳالھ آهي، ربِّ ڪريم جو قرب حاصل ڪرڻ جي لاءِ فرض ۽ واجبات سان گڏوگڏ نفلن جي به ذوق وشوق سان ادائيگي ڪرڻ هر ڏينهن ۽ هر مهيني ۾ پسنديده آهي۔ اسان جي پياري آقا مديني واري داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نفل ادا ڪرڻ جي به ترغيب ڏياري آهي ۽ ان تي اجر ۽ ثواب جي خوشخبري به ارشاد فرمائي آهي، جيئن

فرضن کي نفلن سان پورو ڪريو

   نبي ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: سڀ کان پهريان قيامت جي ڏينهن ٻانهي کان ان جي نماز جو حساب ورتو ويندو،