Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir
(3) ارشاد فرمايائون: قيامت جي ڏينهن روزيدار قبرن مان نڪرندا ته اهي روزي جي بوء کان سڃاتا ويندا انهن جي لاءِ دسترخوان ۽ پاڻي جا ڪوزا رکيا ويندا جن تي مُشڪ سان مهر هوندي انهن کــي چيو ويندو کائـو ڪالهه تـوهـــان بُکايل هئا، پيئو ڪالهه توهان اُڃايل هئا، آرام ڪريو ڪالهه توهان ٿڪيل هئا پوءِ اهي کائيندا ۽ آرام ڪندا جڏهن ته ماڻهو حساب جي تڪليف ۽ اڃ ۾ مبتلا هوندا۔ (ڪنزالعمال،۸/۳۱۳،حديث:۲۳۶۳۹ )
روزہ داروں کے واسطے واللہ
مغفرت کی نوید ہوتی ہے
(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۷۰۷)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ربيع الآخر جي برڪتن کي ماڻڻ جي لاءِ جهڙي طرح نفل روزا رکڻ سعادت جو سبب آهي اهڙي طرح نفلي نمازن جي ذريعي به اسان هن مهيني جي برڪتن کي آساني سان ماڻي سگھون ٿا۔ اسان کي گهرجي ته هن مهيني ۾ به اسان خوب خوب نفل ادا ڪريون، اشراق و چاشت پڙهون، انهن جا فضائل به وڏا عاليشان آهن، اچو انهن جي فضائل تي مشتمل 3 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا:
(1) ارشاد فرمايائون”جيڪو فجر جي نماز جماعت سان پڙهي ڪري ذڪرِ خدا ڪندو رهي، ايسيتائين جو آفتاب بلند ٿي وڃي، پوءِ ٻه رڪعتون پڙهي ته ان کي حج ۽ عمري جو ثواب ملندو.“ (ترمذی،ابواب السفر،باب ما ذکر مما يستحب من الجلوس... الخ، ۲/۱۰۰، حديث ۵۸۶)
(2) ارشاد فرمايائون:”جنهن چاشت جون 12 رڪعتون پڙهيون، الله پاڪ ان لاءِ جنت ۾ سون جا محل بڻائيندو. (ترمذی، ابواب الوتر، باب ماجاء في صلاۃ الضحٰی،۲/۱۷، حدیث: ۴۷۲)
(3) ارشاد فرمايائون: ”جيڪو شخص فجر کانپوءِ چاشت جون ٻه رڪعتون ادا ڪرڻ تائين پنهنجي جڳھ ويٺو رهي ۽ ڀلائي کان علاوه ڪا ڳالھ نه چئي، ان جون خطائون معاف ڪيون وينديون، توڙي جو سمنڊ جي جهڳ کان وڌيڪ هجن.“ (مسند احمد ، مسند المکیین ، ۵/۲۶۰، حدیث ۱۵۶۲۳)