Faizan Rabi-ul-Akhir

Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

نفل روزن جون برڪتون

روزن جي بَرَڪت سان الله ڪريم راضي ٿيندو آهي، روزن جي بَرَڪت سان ايمان جي حفاظت ٿيندي آهي، روزن جي بَرَڪت سان دوزخ کان نَجات نصيب ٿيندي آهي، روزن جي بَرَڪت سان جنَّت ۾ داخلو نصيب ٿيندو آهي، روزن جي بَرَڪت سان معدي جون تڪليفون ۽ ان جون بيماريون ٺيڪ ٿي وينديون آهن ۽ نظامِ هضم بهتر ٿي ويندو آهي، روزن جي بَرَڪت سان شوگر ليول (Sugar Level)، ڪوليسٽرول ۽ بلڊ پريشر ۾ اعتدال رهندو آهي ۽ ان جي ڪري دل جو دورو پوڻ جو خطرو ناهي رهندو، روزن جي بَرَڪت سان رت جي مقدار ۾ ڪمي ٿي ويندي آهي ۽ ان جي ڪري دل کي انتهائي فائدي مند آرام پهچندو آهي، روزن جي بَرَڪت سان جسماني ڇڪ، ذهني دٻاؤ، ڊپريشن ۽ نفسياتي بيمارين جو خاتمو ٿيندو آهي، روزن جي بَرَڪت سان موٽائپ ۾ ڪمي واقع ٿيندي آهي ۽ اضافي چرٻي ختم ٿي ويندي آهي ۽ روزن جي برڪت سان بي اولاد عورتن کي اولاد ٿيڻ جا امڪان ڪيئي ڀيرا وڌي ويندا آهن۔ اچو! ترغيب جي لاءِ روزن جي فضيلتن تي مشتمل3 فرمانِ مصطفيٰ ٻڌو ۽ دعوتِ اسلامي سان گڏ نفل روزن جي تحريڪ ۾ شامل ٿي وڃو، جيئن

نفلي روزن جون فضيلتون

(1) ارشاد فرمايائون: جنهن هڪ نفلي روزو رکيو، الله پاڪ ان جي لاءِ جنت ۾ هڪ وڻ لڳائيندو جنهن جو ميوو ڏاڙهونءَ کان ننڍو ۽ صوف کان وڏو هوندو۔ اهو (ميڻ کان الڳ نه ڪيل) ماکيءَ جهڙو مٺو ۽ (ميڻ کان الڳ ڪيل خالص ماکيءَ وانگر) خوش ذائقه هوندو۔ الله پاڪ قيامت جي ڏينهن روزيدار کي ان وڻ جو ميوو کارائيندو۔ (طبراني ڪبير ج۱۸ص۳۶۶حديث۹۳۵)

(2)   ارشاد فرمايائون: روزيدار جو هر وار ان جي لاءِ تسبيح ڪندو آهي، قيامت جي ڏينهن عرش جي هيٺان روزيدارن جي لاءِ موتين ۽ جواهر سان جَڙيل سون جو اهڙو دستر خوان وڇايو ويندو جيڪو دنيا جي احاطي جي برابر هوندو، ان تي طرحين طرحين جا جنّتي کاڌا، مشروب ۽ ميوا هوندا اهي کائيندا پيئندا ۽ عيش و عشرت ۾ هوندا جڏهن ته ماڻهو سخت حساب ۾ هوندا۔ (فردوس الاخبار، ۵/۴۹۰، حديث:۸۸۵۳)