Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir
جو عشاء جي نماز پڙهي پنهنجي مخصوص ڪمري ۾ داخل ٿي ويندا ها ۽ صبح جي نماز جي وقت انهيءَ ڪمري مان نڪرندا ها. (قلائد الجواھر،ص۷۶ملخصاً)
سبحٰن الله! حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي نماز سان ڪيتري محبت هئي. اي ڪاش! اسان کي به غوثِ پاڪ جي صدقي نمازن جي پابندي نصيب ٿي وڃي ۽ فرائض سان گڏوگڏ نفل نماز جا به عادي ٿي وڃون.
ياد رهي! اسان جا غوثِ اعظم روزانو هڪ هزار نفل پڙهندا ها. (تفریح الخاطر، ص۴۵)
اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه پنهنجي رسالي”سانپ نما جن“ ۾ اها حڪايت نقل ڪن ٿا ته حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان”جامع منصور“ ۾ نماز پڙهي رهيو هيس ته هڪ نانگ اچي پهتو. ان منهنجي سجدي واري جاءِ تي مٿو رکي پنهنجو وات کولي ڇڏيو. مون ان کي هٽائي سجدو ڪيو پر اهو منهنجي گردن سان چنبڙي پيو. پوءِ اهو منهنجي هڪ ٻانهن ۾ گهڙيو ۽ ٻئي مان نڪتو. نماز مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جڏهن مون سلام ورايو ته اهو غائب ٿي ويو. ٻئي ڏينهن مان وري انهيءَ مسجد ۾ داخل ٿيس ته مونکي هڪ وڏين وڏين اکين وارو ماڻهو نظر آيو، مون ان کي ڏسي اندازو ڪري ورتو ته هي شخص انسان ناهي بلڪ جن آهي. اهو جن مونکي چوڻ لڳو: مان توکي تنگ ڪرڻ وارو اهو ئي جن آهيان. مان نانگ جي صورت ۾ ڪيترن ئي ولين کي آزمايو آهي، پر اوهان جيان ٻئي ڪنهن کي به ثابت قدم نه ڏٺو. پوءِ جن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دست مبارڪ تي تائب ٿيو.( بَھجۃ الاسرار،ص،۱۶۹)
الله پاڪ اسان کي حقيقي معنا ۾ حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو غلام ۽ انهن جي سيرت تي هلڻ وارو بناءِ.
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ربيع الآخر جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين، حضرت شاھ ڪليمُ الله جهان آبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو هن مهيني (يعني رَبيعُ الْآخِر) جي ڇهين، ٻارهين، ويهين ۽ ڇهويهين تاريخ جو روزو رکي ته ان کي بيحد ثواب ملندو۔ (مرقع ڪليمي،ص۱۹۸) تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان هن مهيني ۾ ثواب جا خزانا حاصل ڪرڻ جي لاءِ نفل روزن جي ڪثرت ڪريون۔ ياد رهي! رَبيعُ الْآخِر جا روزا نه فرض آهن نه ئي واجب، بلڪ نفل روزا آهن۔
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! فرض روزن کان عِلاوه نَفل روزا رکڻ جا بيشُمار ديني ۽ دُنيوي فائدا آهن ۽ ثواب ته ايترو آهي جو جِي چاهي ٿو ته بس روزا ئي رکندا رهون،