Faizan Rabi-ul-Akhir

Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

يارهين شب يعني ڏهين ۽ يارهين تاريخ جي وچين رات تي مقرر پيسن جي مٺائي مسلمان جي دڪان تان خريد ڪري پابندي سان يارهين جي فاتحه ڏيڻ سان رزق ۾ گھڻي ئي بَرَڪت ٿيندي ۽ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه ڪڏهن پريشان حال نه ٿيندو پر شرط اهو آهي ته ڪا تاريخ خالي نه ڇڏي ۽ جيترا پيسا مقرر ڪري ان ۾ ڪمي نه ٿئي ايترا ئي پيسا مقرر ڪري جيترن جي پابندي ڪري سگھي۔ مان پاڻ به ان جو سختي سان پابند آهيان ۽ الله پاڪ جي فضل سان ان جون خوبيون بي شمار ماڻيان ٿو۔ (اسلامي زندگي،ص۱۳۳)

ہم کو ’’گیارہ‘‘ کا ہے عدد پیارا،                                               ان کی تاریخِ عرس ہے گیارہ

یوں عدد ہم کو پیارا گیارہ ہے،                                    واہ کیا بات غوثِ اعظم کی

(وسائل بخشش مُرمَّم،ص۵۷۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ايمان ۽ عقائد جي درستگي کان پوءِ تمام فرائض ۾ نهايت اهم ۽ اعظم نماز آهي. (بہارِ شریعت ،۱/۴۳۳) قرآن و حديث هن جي اهميت سان مالامال آهن. هڪ روايت جي مطابق قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهريان نماز جو حساب ورتو ويندو. (ابن ماجہ، ۲/۱۸۳،حدیث:۱۴۲۶ )  قرآنِ پاڪ ۾ جڳھ به جڳھ ان جي تاڪيد آئي آهي. اسان جي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي نماز سان بيحد محبت هئي. نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پڇيو ويو: اسلام ۾ الله پاڪ جي نزديڪ سڀ کان وڌيڪ محبوب ڪهڙي شيءِ آهي؟ ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: نماز کي پنهنجي وقت ۾ ادا ڪرڻ، جنهن نماز ڇڏي ان جو ڪو دين ناهي، نماز دين جو ٿنڀ آهي. (شعب الايمان، ۳/۳۹، حدیث: ۲۸۰۷)

غوثِ اعظم، پيرانِ پير، روشن ضمير حضرت عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سيرتِ مبارڪه ۾ به نماز سان محبت جا واقعا ملن ٿا: پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مبارڪ زندگي ۾ نماز جو ڪيترو اهتمام ٿيندو هو اچو ٻڌون ٿا، جيئن

عشاء جي وضوءَ سان فجر جي نماز

هڪ بزرگ فرمائن ٿا: مان شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي خدمتِ اقدس ۾ چاليھ(40) سال رهيس. مون ڏٺو ته پاڻ هميشه عشاء جي  وضوء سان فجر جي نماز پڙهندا ها. سندن جو معمول هئو ته جڏهن وضو ٽٽي پوندو هو ته جلدي مان وضو ڪري وٺندا ها ۽ ٻه رڪعتون نماز تحيّة الوضو ادا ڪندا ها ۽ رات