Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir
ٿيندي آهي چاهي ڪهڙي تاريخ ۾ ٿئي، عوام ان کي يارهين جي فاتحه چوندا آهن۔ (بهار شريعت، حصه ۱۶، ۳/۶۴۴)
حڪيمُ الاُمَّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: عام مسلمان رَبيعُ الْآخِر شريف ۾ يارهين شريف، حضورِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا جلسا ڪندا آهن جنهن ۾ حضرت غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا حالات پڙھي سامعين کي ٻڌائيندا آهن ۽ فاتحه کان پوءِ مٺائي ورهائيندا آهن يا مسلمانن کي کاڌو کارائيندا آهن۔ )اسلامي زندگي،ص۷۱ (
حڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هن مهيني ۾ هر مسلمان پنهنجي گھر ۾ حضور غوثِ پاڪ سرڪارِ بغداد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فاتحه ڪري۔ سڄي سال تائين گھڻي برڪت رهندي۔ (اسلامي زندگي،ص۱۳۳)
يارهوين شريف ايصالِ ثواب جي هڪ صورت آهي، هن جي وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ چاهيو ته اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رسالي” فاتحه ۽ ايصالِ ثواب“ جو مطالعو ڪيو.
اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه فرمائن ٿا: واپاري پنهنجي روزانو جي وِڪري (Sale) جو هڪ فيصد جڏهن ته پگھاروارو پنهنجي هر پگھار جي رقم مان گھٽ ۾ گھٽ ٻه فيصد ڪڍي ۽ ماهانه يارهين شريف جي نيازڪري ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه اُن جي روزي ۾ بَرَڪت ٿيندي۔ (جيڪڏهن گھر ۾ نياز ڪرڻ ۾ رُڪاوٽ هجي ته ڪنهن به نيڪ ڪم ۾ اها رقم خرچ ڪريو) (ماهنامه فيضانِ مدينه، رَبيعُ الْآخِر ۱۴۴۰ھ،ٹائٹل پيج)
اي عاشقانِ غوثِ اعظم! ٿي سگھي ته هر مهيني يارهين شريف ڪريو۔ ضروري ناهي ته ان جي لاءِ هزارين روپيا ئي خرچ ڪيا وڃن بلڪه جيترو آساني سان ميسر ٿئي، انهيءَ سان الله پاڪ جي هن ولي ڪامل جي نياز ڪريو، حڪيم الۡاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪڏهن هر چنڊ جي