Faizan Rabi-ul-Akhir

Book Name:Faizan Rabi-ul-Akhir

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

فيضان ربيع الآخر

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                       وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جو چاهي ڪري (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو.)

دُرُود شريف جي فضيلت

حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جنهن مون تي هڪ ڀيرو درود پاڪ پڙهيو الله ڪريم ان تي ڏهه رحمتون نازل فرمائيندو آهي ۽ جنهن مون تي ڏهه ڀيرا درود پاڪ پڙهيو الله ڪريم ان تي سؤ رحمتون نازل فرمائيندو آهي ۽ جنهن مون تي سؤ ڀيرا درود پاڪ پڙهيو الله ڪريم ان جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ لکي ڇڏيندو آهي ته هي نفاق ۽ جھنم جي باهه کان آزاد آهي ۽ ان کي قيامت جي ڏينهن شهيدن سان گڏ رکندو۔

(مُعْجَم اَوسَط،۵/۲۵۲،حديث:۲۷۳۵)

سُرُور رہتا ہے کیف دَوام رہتا ہے                                    لبوں  پہ میرے دُرُود و سلام رہتاہے

بَری ہیں  نارِجہنّم سے وہ خُدا کی قسم !                                  کہ جن کو ذِکر محمد سے کام رہتا ہے