Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

سورهءِ بني اسرائيل آيت نمبر 37 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمايو آهي:

وَ لَا تَمْشِ فِی الْاَرْضِ مَرَحًاۚ-اِنَّكَ لَنْ تَخْرِقَ الْاَرْضَ وَ لَنْ تَبْلُغَ الْجِبَالَ طُوْلًا(۳۷)             

ترجموڪنزالايمان: ۽ زمين ۾ آڪڙ ڪري نه هل بيشڪ تون زمين کي هرگز چيري نه سگهندين ۽ هرگز پهاڙن جي اوچائي کي نه پهچندين .

٭ فرمـانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: هڪ شخص ٻه چادرون پائي تڪَبُّر سان هلي رهيو هو ۽ گهمنڊ ۾ هو اهو زمين ۾ داخل ڪيو ويو ۽ اهو قيامت تائين زمين ۾ داخل ڪيو ويندوـ (صحيح مسلم ص 1156حديث 2088) ٭رسولِ اڪرم،نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هلندا هئا ته ايتري قدر اڳيان طرف جهڪي هلندا هئا ڄڻ ته پاڻ مٿانهون کان هيٺ پيا لهن ـ (الشمائل المحمديه للترمذي ص 87 رقم 118) ٭ جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ نه هجي ته رستي جي ڪناري ڪناري وچٿري چال هلو، نه ايترو تيز جو ماڻهن جون نگاهون اوهان ڏانهن ڏسن ته تڪڙو تڪڙو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي! نه ايترو آهستي جو ڏسڻ واري کي اوهان بيمار لڳو ٭ رستي تي هلندي بنا ضرورت هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ سنّت ناهي، هيٺِ نِگاهه ڪري باوقار طريقي سان هلوـ ٭ رستي تي ٻه عورتون بيٺيون هجن يا وڃي رهيون هجن ته انهن جي وچ مان نه گذرو جو حديث پاڪ ۾ هن جي مُمانعت آيل آهي. (ابوداود ،ڪتاب الادب،باب في مشي النساء مع الرجال في الطريق، ۴/۴۷۰،حديث:۵۲۷۳) ٭ ڪجھ ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته رستي تي هلندي جيڪا به شيء سامهون آئي ان کي لتون هڻندي گذرندا آهن، هي بالڪل غير مُهَذَّب طريقو آهي ائين ڪرڻ سان ڪنهن جو پير زخمي ٿيڻ جو به انديشو آهي ۽ اخبار يا لکائي وارن دٻن، پيڪٽن، ۽ مِنرل واٽر جي خالي بوتلن وغيره کي لت هڻڻ بي ادبي به آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن