Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

ڪرڻ، گناهن کان هر دم بچڻ جي لاءِ عاشقانِ سول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي 107 کان وڌيڪ شعبن ۾ دينِ متين جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آهي، انهن مان هڪ شعبو ”جامعة المدينه آن لائن“ به آهي، جامعة المدينه آن لائن تحت آن لائن 4 ساله درسِ نظامي ڪورس ڪرايو ويندو آهي، درجي جو وقت روزانو تقريبا 1 ڪلاڪ آهي۔ شعبه آن لائن ڪورسز جي تحت تقريباً 30 ڪورسز ڪرايا پيا وڃن جنهن مان ڪجھ ڪورسز جا نالا ۽ اجمالي تعارف ٻڌو: تفسير قرآن ڪريم تي 2 طرح جا ڪورسز آهن هڪ جنهن ۾ سڄي قرآنِ ڪريم جو تفسير "تفسير صِرَاطُ الجِنَان" مڪمل پڙھايو ويندو آهي ۽ ان ڪورس جو نالو به "تفسير صِرَاطُ الْجِنَان" آهي، ان جي مدت ڪم و پيش 26 مهينا آهي۔ ٻيو ڪورس فيضانِ تفسير جي نالي سان آهي جنهن ۾ سڄي قرآنِ ڪريم جو تفسير اِجمالاً پڙھايو ويندو آهي، ان جي مدت تقريباً 92 ڏينهن آهي. فيضانِ بهار شريعت ڪورس: هن ڪورس ۾ عالم بنائڻ وارو ڪتاب بهارِ شريعت 12 مهيني ۾ تقريباً پورو پڙھايو ويندو آهي۔ فقه و عقائد ڪورس: هن ڪورس جي مدت به 12 مهينا آهي، ان ۾ عقائد و فقه جا مختلف ڪتاب پڙھايا ويند آهن ۽ فرض علوم سيکاريا ويندا آهن۔ فيضانِ نماز ڪورس ۽ طهارت ڪورس: هنن ٻنهي ڪورسن ۾ نماز ۽ طهارت جا مسئلا تفصيل سان پڙھايا ويندا آهن۔ انهن ٻنهي ڪورسن جي مدت 63 ڏينهن آهي۔ فيضانِ حج ۽ فيضانِ عمره ڪورس: زائرينِ حرمينِ طيبين جي لاءِ ڪيئي شاندار ڪورس  آهن جنهن ۾حج ۽ عمري جا تفصيلي احڪام ۽ طريقو سيکاريو ويندو آهي، هنن ڪورسن جي مدت تقريباً هڪ مهينو ۽ روزانو درجي جو دورانيو تقريباً 30 منٽ آهي. نيو مسلم ڪورس: اسلام قبول ڪرڻ واري نَوَنۡ مسلمانن (New Muslims)جي لاءِ لاجواب ڪورس آهي، ان جي مدت 72 ڏينهن آهي۔سنت نڪاح ڪورس: شادي شده ۽ غير شادي شده افراد جي لاءِ نهايت شاندار ڪورس آهي، جنهن ۾ نڪاح بابت مسائل، زال مڙس جا حق، گھر امن وارو ڪيئن بڻجي؟