Book Name:Faizan-e-Rabi-ul-Awaal

(1)   ربيعُ الاوّل جي پهرين رات نمازِ مغرب کان پوءِ ٻه رڪعت نفل هن طرح پڙھو جو هر رڪعت ۾ سوره فاتحه کان پوءِ ٽي ڀيرا سوره اخلاص (قُل هوَالله اَحَد) جي تلاوت ڪريو ۽ سلام کان پوءِ سؤ ڀيرا اهو درودِ پاڪ پڙھو: اَللّٰهمَّ صَلِّ عَلٰي مُحَمَّدٍ وَّعَلٰي اٰلِ مُحَمَّدٍ وَّبَارِک وَسَلِّمْ بِرَحْمَتِک يا اَرْحَمَ الرَّاحِمِين۔ (لطائف اشرفي ،۲/۲۳۱۔جواهرخمسه، ص ۲۱)

(2) ٻارهين تاريخ جو نبيءِ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ ايصالِ ثواب پهچائڻ جي نيت سان ويھ (20) رڪعت نفل پڙھو ۽ هر رڪعت ۾ سوره فاتحه کان پوءِ ايڪويھ (21) ڀيرا سوره اخلاص (قُل هُوَالله اَحَد) پڙھو۔ هڪ شخص هميشه اهو نماز پڙھندو هو ان کي خواب ۾ نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ٿي، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائي رهيا هئا ته اسان تو کي پاڻ سان گڏ جنت ۾ وٺي وينداسين۔ (جواهرخمسه، ص ۲۱)

          اي عاشقانِ رسول ! اسان کي به فرائض ۽ واجبات جي ادائيگي سان گڏوگڏ انهن نفلن کي ادا ڪرڻ گھرجي، ڇوته نفل نمازن جا بيشمار فائدا ۽ برڪتون آهن، ٭ نفلن جي برڪت سان خُدا جي عابد ٻانهن ۾ شمار ٿيندو آهي۔ ٭ نفلن جي برڪت سان ربِّ ڪريم جي محبت نصيب ٿيندي آهي۔ ٭ نفلن جي برڪت سان رِزق ۾ برڪت ٿيندي آهي۔ ٭ نفلن جي برڪت سان دشمنن جي شر ۽ فساد کان حفاظت نصيب ٿيندي آهي۔ ٭ نفلن جي برڪت سان موت جي سختي کان حفاظت نصيب ٿيندي آهي۔ ٭ نفلن جي برڪت سان شيطان جي وسوسن کان حفاظت نصيب ٿيندي آهي۔ ٭ نفلن جي برڪت سان قبر روشن ۽ ڪشادي ٿيندي آهي۔ ٭ نفلن جي برڪت سان قبر جنت جي باغن مان هڪ باغ بڻجي ويندي آهي۔ ٭ نفلن جي برڪت سان قيامت جي پريشانين کان نجات حاصل ٿيندي آهي۔

عبادت میں گزرے مِری زندگانی

کرم ہو کرم یا خدا یاالٰہی