Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

جي اصلاح ٿي وڃڻ جا واقعا آهن. توهان مان به جيڪي خوشنصيب اهڙا به هوندا جيڪي بيان جي ڪيسٽ ٻڌي مدني ماحول سان وابسته ٿيا هوندا، سنتن ڀري بيانن ۽ مدني مذاڪرات جا ميموري ڪارڊز ماڻهن تائين پهچائڻ دِين جي عظيم خِدمت ۽ بي اِنتها ثواب جو سبب آهي ته جنهن سان ٿي سگھي هفتي ۾ نه ته مهيني ۾ گھٽ ۾ گھٽ 12 ميموري ڪارڊز ضرور وڪڻي۔ مُخَير اسلامي ڀائر جيڪڏهن مُفت ورهائن ته مدينه مدينه۔ شادين جي موقعي تي شادي ڪارڊ سان گڏ مَدَني رِسالو ۽ ٿي سگھي ته مذڪوره ميموري ڪارڊ به شامل ڪريو۔

اُنکے در پے پلنے والا اپنا آپ جواب                  کوئی غریب نواز تو کوئی داتا لگتا ہے

 وڏي شهر ۾ هر علائقي مشاورت جا نگران (ڳوٺن وارا ڳوٺن ۾)١٢ ڏينهن تائين روزانو مختلف مسجدن ۾ عظيم الشان سنتن ڀريا اجتماع  منـعقد ڪن (ذميدار اسلامي ڀينرون گهرن ۾ اجتماع فرمائن) ربيع الاول شريف جي دوران ٿيڻ وارن تمام اجتماعن ۾ جن کان ٿي سگهي اهي سبز جهنڊا گڏ کڻي اچن ـ

لَب پر نعتِ رسولِ اَکرم ہاتھوں میں پرچم            دیوانہ  سَرکار  کا   کتنا    پیارا    لگتا    ہے

 يارهين جي شام نه ته ٻارهينءَ جي رات غسل ڪيو، ٿي سگهي ته هن عيدن جي عيد جي تعظيم جي نيت سان اڇو لباس، عمامو، سربند، ٽوپي، مٿي تي پائڻ واري سفيد چادر پردي ۾ پردي لاءِ ناسي چادر، ڏندڻ، کيسي جو رومال، چپل، تسبيح، عطر جي شيشي، هٿ جي گهڙي، قلم، قافلو پيڊ وغيره پنهنجي استعمال جي هرشيءِ ممڪن هجي ته نئي وٺو. (اسلامي ڀينرون به پنهنجي ضرورت جون جيڪي شــيون ممڪن هجن اهي نيون وٺن)

آئی  نئی  حکومت  سِکّہ  نیا  چلے  گا                             عالَم نے رنگ بدلا صُبْحِ شبِ وِلادت

(ذوقِ نعت،ص۶۷)

ٻارهين جي رات اجتماع ميلاد ۾ گذاري صبح صادق جي وقـت پنهنجن هٿن ۾ سبز سبز جهنـڊا کڻي، درود ۽ سلام جا هار کڻي، اکين مان ڳوڙها وهائيندي “صبحِ بهاران” جو استقبال ڪيو. فجر جي نماز کانپوءِ سلام ۽ عيد مبارڪ چئي هڪ ٻئي سان گرم جوشي سان ملاقات فرمايو ۽ سڄو ڏينهن عيد جون مبارڪون پيش ڪندا ۽ عيد ملندا رهو.