Book Name:Aala Hazrat Ki Shayri Aur Ishq-e-Rasool

ڪندڙ اداري سان رابطو ڪري جائز ذريعن جي ترڪيب بڻايو) سڄي علائقي کي سبز سبز جهنڊن ۽ رنگ برنگي بتين سان سينگاري ڪنوار بڻائي ڇڏيو. مسجد ۽ گهر جي ڇت ۽ چوڪ وغيره تي واٽهڙن ۽ سوارين کي تڪليف کان بچائيندي حقوقِ عامه ضايع ڪرڻ کان بغير فضا ۾ لڙڪندڙ 12 ميٽر يا ضرورت مطابق سائيز جا وڏا جهنڊا لڳايو، وچ رستي تي جهنڊا نه هڻو جو ان سان ٽريفڪ جو نظام متاثر ٿيندو آهي، ۽ گهٽيءَ وغيره ڪٿي به اهڙي سجاوٽ نه ڪيو جنهن سان مسلمانن جو رستو سوڙهو ٿي ۽ انهن جي حق تلفي ۽ دل آزاري جو سبب ٿئي.

مَشرق ومَغرب میں اک اک! بامِ کعبہ پر بھی ایک                    نَصب پرچم ہوگیا ، اَھْلاً وَّ سَھْلاً مرحبا

                                                                                                            (وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۱۴۶)

 

 هر اسلامي ڀاءُ طاقت آهر وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن رپين جا مڪتبة المدينه جا ڇپيل رسالا ۽ مدني گلن جا مختلف پمفليٽ ميلاد جي جلوس ۾ ورهائي ۽ اسلامي ڀينرون به تقسيم ڪرائنـ اهڙي طرح سڄو سال اجتماعن ۾ لنگرِ رسَائل جو اهتمام فرمائي ڪري نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچايوـ شادي غمي جي موقعن تي ۽ مرحومن جي ايصال ثواب جي خاطر به “لنگرِ رسائل” هلايو ۽ ٻين مسلمانن کي به ان جي ترغيب ڏياريو ـ

بانٹ کر  مَدَنی  رسائل  دِین کو پھیلائیے                         کرکے راضی حق کو حقدارِ جِناں بن جائیے

 

 سگِ مدينه جو لکيل پمفليٽ ”جشنِ ولادت جا ١٢ مدني گل “ ممڪن هجي ته ١١٢ نه ته گهٽ ۾ گهٽ ١٢ عدد ۽ ٿي سگـهي ته رسالو ”صبحِ بهاران“ ١٢ عدد ﻣﻜﺘﺒﺔالمدينه تان هديو ڏئي حاصل ڪري ورهايو، خصوصاً انهن تنظيمن جي سربراهن تائين پهچايو جيڪي جـشن ولادت جون ڌومون مچائيندا آهن. ربيع الاول شريف جي دوران ١٢٠٠ روپيا، جيڪڏهن هي نه ٿي سگهي ته ١١٢ روپيا ۽ اهو به نه ٿي سگهي ته ١٢ رپيا ڪنهن سني عالم کي پيش ڪريو، جيڪڏهن پنهنجي مسجد جي امام، مؤذن يا خادمن ۾ ورهائي ڇڏيو تڏهن به ٺيڪ آهي، بلڪ هيءَ خدمت هر مهيني جاري رکڻ جي نيت ڪيو ته مدينه مدينه. جُمُعي جي ڏينهن ڏيو ته بهتر جو جُمعي تي هر نيڪي جو ثواب سَتَر ڀيرا وڌيڪ ملندو آهي. (پر جمعي جو انتظار ڪرڻ بدران موقعو ملندي ئي اهو نيڪ ڪم ڪرڻ گھرجي) اَلْحَمْدُ لِلّٰه سنتن ڀري بيان جي ڪيسٽ ٻـڌي ڪري ڪيترن ئي ماڻـهن