Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

هوندو جو کير پيئارڻ واري پنهنجي کير پياڪ ٻار کي وساري ڇڏيندي، اهڙي تباهي مچندي جو اَلْاَمان وَالحفيظ۔ انهيءَ کي قيامت جو ڏينهن چون ٿا۔ انهيءَ کي حسرت ۽ پشيماني جو ڏينهن چون ٿا، انهيءَ کي حساب ڪتاب ۽ سوال جواب جو ڏينهن چون ٿا، انهيءَ کي زلزلي ۽ تباهي جو ڏينهن چون ٿا، انهيءَ کي واقع ٿيڻ ۽ دل ڏڪائڻ وارو ڏينهن چون ٿا، انهيء کي زلزلي ۽ اونڌو ٿيڻ جو ڏينهن چون ٿا۔ الله پاڪ اسان کي هن ڏينهن جي تياري ڪرڻ ۽ گهڻي مان گهڻا نيڪ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

قرآن ڪريم ۾ قيامت کي مخلتف نالن سان بيان ڪيو ويو آهي، قيامت جا تقريباً 100 کان وڌيڪ نالا آهن، اچو! انهن مان ڪجھ جا نالا ٻڌون ٿا:

یَوْمُ الْقَضَاء فيصلي جو ڏينهن. یَوْمُ الْوَزْن اعمالناما تورڻ جو ڏينهن. یَوْمٌ مَّشْہُوْدٌ  حاضري جو ڏينهن. یَوْمُ الْخِزْیڪجھ ماڻهن جي لاءِ ذلت جو ڏينهن. یَوْمُ الْمُحَاسَبَۃ  حساب جو ڏينهن. یَوْمَ الْحَسْرَۃِ پڇتائڻ جو ڏينهن.  یَوْمٌ عَقِیْمٌ  سخت ڏينهن. یَوْمُ الْحَشْر  جمع ٿيڻ جو ڏينهن. یَوْمُ الْفَزَع گهٻراهٽ جو ڏينهن. یَوْمُ الْبَعْث قبرن مان ٻيهر اٿڻ جو ڏينهن. یَوْمُ الْفَتْح  اعمالناما کلڻ جو ڏينهن. یَوْمُ الْمِیْعَاد واعدي جو ڏينهن. یَوْمُ الصَّیْحَۃ زلزلي جو ڏينهن(رڙ جو ڏينهن). یَوْمُ الزَّجْرَۃ ڇهڙٻڻ جو ڏينهن. یَوْمُ الْحِسَاب  حساب جو ڏينهن. یَوْمُ التَّلَاق  ملاقات جو ڏينهن. یَوْمُ التَّنَاد  پڪار جو ڏينهن. یَوْمُ الْجَمْع جمع ٿيڻ جو ڏينهن. یَوْمُ التَّغَابُنِ هارجڻ جو ڏينهن. یَوْمُ الْفَصْل فيصلي يا جدائي ۽ امتياز جو ڏينهن وغيره..

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! قيامت تي ايمان رکڻ نهايت ضروري آهي۔ ڇوته هي عقيدو مسلمان جي بنيادي عقائد ۽ ضرورياتِ دين مان آهي. ضرورياتِ دين اسلام جا اهي احڪام آهن، جن کي هر خاص ۽ عام ڄاڻندا هجن، جيئن الله پاڪ جي وحدانيت (يعني ان جي هڪ هجڻ) انبياءِ ڪرامعَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي نبوت، نماز، روزو، حج، جنت، دوزخ، قيامت ۾ اٿاريو وڃڻ، حساب ۽ ڪتاب وٺڻ