Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam
جي چائنٺ جنّتي زمين جي هيٺ هئي ۽ ان جو مٿي وارو حصو عرش جي وچ ۾ هو۔ مون حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام کان پڇا ڪئي: اي جبريل! ڇا توهان ان عاليشان محل جي باري ۾ ڄاڻو ٿا جنهن جي چائنٺ جنّتي زمين جي هيٺ ۽ مٿيون حصو عرش جي وچ ۾ هو۔؟ ته حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي ناهي خبر۔ مون ٻيهر پڇا ڪئي: اي جبريل! ان محل جي روشني (Light) ته اهڙي آهي جيئن دنيا ۾ سج جي روشني، ڀلا اهو ئي ٻڌايو ته ان تائين ڪير پهچندو ۽ ان ۾ ڪير رهائش اختيار ڪندو؟ ته حضرت جبريل امين عرض ڪيو: يسْكُنُھَا وَ يصِيرُ اِلَيھَا مَنْ يقُوْلُ الْحَقَّ وَيھْدِي اِلَي الْحَقِّ وَاِذَا قِيلَ لَه الْحَقُّ لَمْ يَغْضِبْ وَمَاتَ عَلَي الْحَقِّ يعني يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هن محل ۾ اهو رهندو جيڪو صرف حق ڳالھ چوي ٿو ۽ حق ڳالھ جي هدايت ڏئي ٿو ۽ جڏهن ان کي ڪو حق ڳالھ چوندو آهي ته هو غُصّو ناهي ڪندو ۽ ان جو حق تي ئي انتقال ٿيندو۔ مون پڇا ڪئي: اي جبريل! ڇا توهان کي ان جو نالو معلوم آهي؟ عرض ڪيائين: جي ها! يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهو هڪ ئي شخص ته آهي۔ مون پڇا ڪئي: اي جبريل! اهو هڪ ڪير آهي؟ عرض ڪيائين: عمر بن خطاب۔ اهو ٻڌي اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه تي رِقَّت طاري ٿي وئي ۽ پاڻ بي هوش ٿي زمين تي تشريف وٺي آيا۔ حضرت عبدالله بن حسن رَضِىَ اللهُ عَنْه بيان ڪن ٿا: ”هن واقعي کان پوءِ اسان فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي چهري تي ڪڏهن کل نه ڏٺي، ايستائين جو پاڻ دنيا مان تشريف کڻي ويا۔
(ڪنز العمال ،ڪتاب الفضائل ، باب فضائل صحابه ،فضل الفاروق، ۶/۲۶۴، حديث:۳۵۸۴۴)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو شان تمام نرالو آهي، سندن جو شان اهو آهي ته نوري ملائڪن جا سردار، حضرت جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلَام به کين جو شان بيان ڪندي نظر اچن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ هتي سکڻ جي ڳالھ اها آهي ته پنهنجون