Shan-e-Farooq-e-Azam

Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

سالن جي زندگي ۾ ڪڏهن اهڙي تربيت نه ٿي هئي۔

اے بیمارِ عِصیاں تُو آجا یہاں پر                             گُناہوں کی دیگا دَوا مَدَنی ماحول

گنہگارو آؤ ، سِیَہ کارو آؤ                                                  گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

پِلا کر مَئے عشق دیگا بَنا یہ                                               تمہیں عاشِقِ مُصْطَفٰے مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه گھڻيون خوبيون رکڻ وارا ها، ڪهڙو اهڙو نيڪ وصف آهي جيڪو سندن ذات ۾ نه موجود هجي۔ ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه خوفِ خدا جا پيڪر ها، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه حقيقي عبادت گذار ها، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سڄي زندگي زُهد و تقويٰ سان ڀرپور هئي ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه جون اکيون اڪثر خوفِ خدا سان آليون رهنديون هيون ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه ٻين کي به تقويٰ و پرهيزگاري جو درس ڏيندا ها، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه اهڙا متقي (يعني پرهيزگار) ها ۽ جيڪو سندن صحبت ۾ رهندو هو اهو به متقي بڻجي ويندو هو، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه ٻين کان خوفِ خدا تي مشتمل ڳالهيون ٻڌندا ها۔ ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو معمول هو ته ٻارن کان پنهنجي لاء بخشش جي دعا ڪرائيندا ها، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه هميشه الله پاڪ جي خفيه تدبير کان ڊڄندا رهندا ها، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه عاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر ها۔ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه دِين جي سربلندي جي لاءِ بي شمار خدمتون انجام ڏنيون هيون، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو دورِ خلافت اسلام جي سنهري دور ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو دَور دِين داري ۽ عدل و انصاف جو دور هو، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه علم وحڪمت جا چراغ ها، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه اسلام جو فخر (Proud) ها، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ ناقابلِ فراموش شخصيت ها، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ واعدو پارڻ واري شخصيت ها۔ الله پاڪ اسان کي به سندن نقشِ قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي۔