Shan-e-Farooq-e-Azam

Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

ته علمِ دين سکڻ جي لاءِ به ضرور وقت ڪڍڻ گھرجي، جيڪڏهن علمِ دين سکڻ جي لاءِ گھڻو وقت به ڏيڻو پوي ته پويان نه هٽڻ گھرجي۔ اسان جي بزرگن جو ڪهڙو معمول هو؟ اچو ٻڌون ٿا:

  هڪ ڀيري حضرتِ ابو موسيٰ اشعري رَضِىَ اللهُ عَنْه عشا نماز کان پوءِ اَمِيرُ الْمُومِنِين حضرتِ عُمَر فَارُوقِ اَعْظَم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي خِدمَت ۾ حاضِر ٿيا ته پڇا ڪيائون: مَا جَآءَ بِكَ؟ ڪيئن اچڻ ٿيو؟ عَرض ڪيائون: ڪجھ ضروري ڪم هو۔ اِرشَاد فرمايائون: هن وَقت؟ عَرض ڪيائين: حُضُور! اهو ڪم شرعي مسئلا سکڻ سيکارڻ بابت آهي۔ اِرشَاد فرمايائون: ائين آهي ته اچو! ان کان پوءِ ٻئي رات دير تائين عِلمي مذاڪري ۾ مَصرُوف رهيا، پوءِ جڏهن (تقريباً سحري جي وَقت)حضرت سَيدُنا ابو موسيٰ اشعري رَضِىَ اللهُ عَنْه وڃڻ جي اِجازَت گھري ته حضرت فَارُوقِ اَعْظَم رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: ويهي رهو! ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟ عَرض ڪيائين: (نمازِ فَجر جو وَقت ٿيڻ وارو آهي، ان کان پهريان پهريان) مان چاهيان ٿو ته ڪجھ نفل ادا ڪري وٺان۔ اِرشَاد فرمايائون: اسان نَماز ئي ۾ آهيون (جو گھڙي کن ديني مسئلن جون ڳالهيون ڪرڻ سڄي رات جي عِبَادَت کان بهتر آهي)۔ پوءِ هو ويهي رهيا ۽ ٻئي حضرات ٻيهر شَرعِي مَسَئلن جي باري ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا ايستائين جو فَجر جو وَقت ٿي ويو۔

 (شرح صحيح بخاري لابن بطال، ڪتاب العلم، باب السمر في العلم، ۱/ ۱۹۲ مفھوما)

   اي عاشقانِ صحابه و اهل بيت! صحابَه ڪرام جو علمِ دِين سکڻ جو جذبو مرحبا! اسان کي به پنهنجي اندر علمِ دين سکڻ جي تڙپ پيدا ڪرڻ گھرجي ۽ 12 مدني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم مدني مذاڪرو علمِ دِين سکڻ جو بهترين ذريعو آهي لهٰذا هن ۾ به پابندي سان شرڪت جي سعادت حاصل ڪرڻ گھرجي۔

  هن مدني ڪم ”هفتيوار مدني مذاڪره“ جي تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي 72 صفحن تي مشتمل رسالي ”هفتيوار مدني مذاڪره“ جو مطالعو