Shan-e-Farooq-e-Azam

Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

ڪئي آهي۔ جنسي جذبات کي وڌائڻ واريون تحريرون ۽ بي حيائي، پاڪيزه معاشري جي لاءِ زهرِ قاتل جي حيثيت رکن ٿيون، دينِ اسلام جتي انهن شين کي ختم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، اتي انهن سببن کي ختم ڪرڻ ڏانهن به توجه ڪئي جن سان فحاشي، عُرياني ۽ بي حيائي پکڙجي سگھي ٿي۔ اهو ئي سبب جو قرآنِ ڪريم ۾ الله پاڪ عورتن کي اهو حڪم ارشاد فرمايو آهي ته هو پنهنجي گھرن ۾ رڪيون رهن ۽ شرعي ضرورت ۽ حاجت جي بنا پنهنجي گھران ٻاهر نه نڪرن۔ پردي جي هن حڪم تي ازواجِ مطهرات رَضِىَ اللهُ عَنْهم ڪهڙو عمل ڪيو، اچو! ان جا ڪجھ مثال ٻڌون ٿا۔

(1) رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي گھرواري حضرت سوده رَضِىَ اللهُ عَنْها هڪ حج ۽ عمرو ڪيو هو، ان جي علاوه حج ۽ عمره نه ڪنديون هيون ۽ ان جو سبب اهو ٻڌائينديون هيون: مون حج به ڪيو آهي ۽ عمرو به ڪيو آهي ۽ الله پاڪ مون کي حڪم ڏنو آهي ته مان گھر ۾ رهان۔ الله پاڪ جو قسم! مان ٻيهر گھران ٻاهر نه نڪرنديس۔ راوي جو بيان آهي ته الله پاڪ جو قسم! هو پنهنجي دروازي کان ٻاهر نه نڪتيون ايستائين جو سندن جنازو ئي ٻاهر ڪڍيو ويو۔ (در منثور، الاحزاب، تحت الآية: ۳۳، ۶/۵۹۹-۶۰۰)

(2)  حضرت بي بي عائشه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: اسان ازواجِ مطهرات (حج جي سفر ۾) رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ احرام جي حالت ۾ هيوسين، جڏهن سوار اسان جي سامهون کان گذرڻ لڳندا ها ته اسان مان هر هڪ پنهنجي چادر کي پنهنجي مٿي کان لٽڪائي چهري جي سامهون ڪنديون هيوسين ۽ جڏهن هو اڳتي وڌي ويندا ها ته اسان چهرو کولي ڇڏينديون هيوسين۔

(ابو داؤد، ڪتاب المناسڪ، باب في المحرمة تغطي وجهها، ۲/۲۴۱،حديث: ۱۸۳۳)

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ازواجِ مطهرات جي پردي جو اهو حال هو جڏهن ته اسان جي خواتين جي پردي جي حالت ڪنهن سان لڪيل نه آهي، الله پاڪ اسان جي عورتن کي هدايت ۽ عقلِ سليم عطا فرمائي ۽ پنهنجي بگڙيل حالت سُڌارڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔