Share this link via
Personality Websites!
حڪيمُ الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مقبول حج اهو آهي جيڪو جھيڙي جھٽي، گناھ ۽ ڏيکاء کان خالي هجي ۽ صحيح ادا ڪيو وڃي۔(مرآة المناجيح،۴/۸۷بتغير قليل) جڏهن ته شيخ الحديث حضرت علامه عبد المصطفيٰ اعظمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مقبول حج اهو حج آهي جو جنهن جي دوران حاجي ڪو گناھ جو ڪم نه ڪري، نه ئي رِياڪاري ۽ شهرت جو ڪو شڪ ۽ شُبو ٿئي، بلڪ صِرف الله جي رِضاء جي لاءِ هجي۔ (بهشت ڪي ڪنجياں،ص۱۰۷بتغير قليل)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! مقبول حج جون ڪجھ نشانيون اسان ٻڌيون، پر ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته جيڪڏهن ڪنهن حاجي ۾ اهي نشانيون نظر نه اچن ته اسان ان جي باري ۾ بدگماني ۾ مبتلا ٿي وڃون ۽ ٻين کي ٻڌائينديون وتون ته فُلاڻِيءَ جو حج قبول ناهي ٿيو ڇوته نشانيون نظر نٿيون اچن۔ يقيناً اسان جو خالق ۽ مالڪ جن کي چاهيندو آهي نيڪ ڪمن جي توفيق عطا فرمائيندو آهي ۽ جنهن کي چاهيندو آهي حج جون سعادتون عطا ڪندو آهي۔ ان ڪري اسان کي هر حال ۾ حُسنِ ظن جو دامن پڪڙي رکڻ گھرجي۔
الله پاڪ اسان کي هر حال ۾ ٻين سان حُسنِ ظن قائم رکڻ جي توفيق عطا فرمائي۔
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami