Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

Book Name:Shuhada-e-Ohud ki Qurbaniyan

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! سُبْحٰنَ الله! ٻُڌو اوهان! شهيدِ اُحد حضرتِ سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير ڪيتري قدر خوش نصيب صحابي هئا جو جن کي سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ماڻهن کي قرآنِ ڪريم سيکارڻ جي لاءِ چونڊيو، توڙي جو سفر وڏو هو پر جيئن ته حُڪمِ رسول هو، تنهنڪري پاڻ فرمانِ رسول تي لبيڪ چوندي پنهنجي سمورين مصروفيتن کي ڇڏي ماڻهن کي فيضانِ قرآن سان فيض ياب ڪيائون ايستائين جو پنهنجي زماني ۾ قاري مشهور ٿي ويا۔حضرتِ سَيدُنا مُصۡعَبۡ بن عُمَير جي ڪردار کي سامهون رکندي اسان مان هر هڪ کي سوچڻ گهرجي ته منهنجي اندر دِين جي خاطر قرباني ڏيڻ جو جذبو ڪيتري قدر بيدار آهي؟ غور ڪريو! اهي حضرات ته تمام گھٽ وسائل ۽ مشڪل حالتن ۾ سفري سهولتن ۽ ٻيون ضرورتون مُيسّر نه هئڻ باوجود به انتهائي ذوق ۽ شوق سان مسلمانن کي پري پري جي علائقن ۾ قرآنِ ڪريم سيکارڻ جي لاءِ تشريف کڻي ويندا هئا، پر افسوس! اڄ اسان ۾ هاڻي اهڙي طرح جو جوش ۽ جذبو گھٽ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي۔ افسوس! صديون گذرڻ جي باوجود ڪيتريون ئي اسلامي ڀينرون اهڙيون هونديون جن کي ڏسي به قرآنِ ڪريم پڙھڻ نه ايندو هوندو ، جن کي ايندو هوندو ته  ته اَڪثَرِيت جا قواعد ۽ مخارج درست ناهن، اسان جي پنهنجي گھر، گهٽيءَ، پاڙي ۽ علائقي ۾ به ڪيتريون ئي اهڙيون اسلامي ڀينرون هونديون جن کي ٻيو ڪجھ ته گھڻو ايندو هوندو پر قرآنِ ڪريم پڙھڻ نه ايندو هوندو۔ پر هاءِ! اسان کي ان تي ڪو افسوس به ته ناهي ٿيندو، اسان جي اک مان لڙڪ نٿا نڪرن، اسان جي دل ناهي تڙپندي، ڪا شرمندگي ناهي ٿيندي، انهن کي قرآنِ ڪريم پڙھائڻ ۽ انهن جي اِصلاح ڪرڻ جو جذبو بيدار ناهي ٿيندو اسان وٽ انهن کي قرآن سيکارڻ ۽ انهن جي اصلاح ڪرڻ جي فُرصت ناهي۔

اسان غور ڪريون ته ڇا اسان قرآنِ ڪريم سکڻ سيکارڻ جي فضيلتن کي وساري ڇڏيو آهي؟ ڇا اسان آقاءِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانن کي وساري ته ناهي ڇڏيو؟ ڇا اسان بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيهمْ اَجْمَعِين جي دِين