Book Name:Jahannam Ki Sazaaen

اي ڪاش! جو اسان به پُل صراط جي دهشتن کان ڇوٽڪارو ماڻي وٺون۔ اي ڪاش! جو اسان به حساب ۽  ڪتاب کان بچڻ وارا بڻجي وڃون۔

الٰہی! جَہَنَّم سے آزاد کر دے        میں فِردَوس میں داخِلہ مانگتا ہوں

  جهنم جي خوف سبب روئڻ وارو حبشي نوجوان

حضرتِ سَيدُنا انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُکان روايت آهي ته مُصطفٰي جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڀيري هي آيتِ مبارڪه تلاوت فرمائي۔

وَ قُوْدُهَا النَّاسُ وَ الْحِجَارَةُ ۚۖ (پ۱، البقرة:۲۴)                                                     ترجمو ڪنز الايمان: جنهن جو ٻارڻ انسان ۽ پٿر آهن

پوءِ فرمايائون: جهنم جي باھ هڪ هزار(1000) سالن تائين ٻاري وئي ته اها ڳاڙهي ٿي وئي، پوءِ هڪ هزار (1000) سال تائين ڀڙڪائي وئي ته سفيد ٿي وئي، پوءِ هزار(1000) سالن ڀڙڪائي وئي ته ڪاري ٿي وئي، ۽ هاڻي اها ڪاري ۽ تاريڪ آهي۔

ايترو ٻڌڻو هو ته هڪ حبشي جيڪو اتي موجود هو، زارو قطار روئڻ لڳو، ايتري ۾ حضرت سَيدُنا جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائون: اي محمد! (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) هي اوهان جي سامهون ڪير روئي رهيو آهي؟ نبي ڪريم، رؤف رّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: حبشه جو رهڻ وارو هڪ شخص آهي۔ آقا ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي روئڻ کي پسند به فرمايو۔

حضرتِ سَيدُنا جبرئيلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: الله پاڪ فرمائي ٿو: مون کي پنهنجي عزت ۽ جلال جي قسم! منهنجو جيڪو ٻانهو دنيا ۾ منهنجي خوف سبب روئيندو مان ان کي جنت ۾ وڌيڪ کلائيندس۔ (شعب الايمان، باب في الخوف من الله تعالي،۱/۴۸۹، حديث:۷۹۹)

اچو! گڏجي جهنم کان آزادي ۽ شبِ قدر جي دعا ڪريون ٿا: اَللّٰھُمَّ اَجِرۡ نِيۡ مِنَ النَّار اي الله مون کي (جهنّم جي) باھ کان نجات عطا فرما