Jahannam Ki Sazaaen

Book Name:Jahannam Ki Sazaaen

آهن، جن ۾ ڪم وبيش 152340 (هڪ لک ٻاونجھ هزار ٽي سو چاليھ) مدَني مُنّا ۽ مدَني مُنّيون حِفظ ۽ ناظره جي مُفت تعليم حاصل ڪري رهيون آهن۔ هنن مدرسن مان حفظِ قرآن مڪمل ڪرڻ وارن مدني منّن ۽ مدني منّين جو تعداد تقريباً 80731 (اسّي هزار ست سو ايڪيٽھ) آهي۔ جڏهن ته ناظره قرآن جي تڪميل ڪرڻ وارن مدني منّن ۽ مدني منّين جو تعداد تقريباً 241028 (ٻه لک ايڪتاليھ هزار اٺاويھ) آهي۔ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ دارُالافتاء اهلسنّت، المدينةُ العلميه، مجلسِ مڪتوبات و تعويذاتِ عطاريه جنهن سان ماهانه لکين مسلمان فيضياب ٿي رهيا آهن، ان جي علاوه مدَني مرڪز (فيضانِ مدينه)، ٻين مسجدن جي تعميرات و انتظامات، مدَني تَربِيت گاهون، مختلف مدني ڪورسز (مثلاً فرض عُلُوم ڪورس، امامت ڪورس، مدرس ڪورس، ،اِصلاحِ اعمال ڪورس، 12مدني ڪم ڪورس، فيضانِ نماز ڪورس وغيره)، اهڙي طرح هفتيوار اجتماعات، وڏين راتين (مثلاً اجتماعِ ميلاد،اجتماعِ غوثيه،اجتماعِ معراج،اجتماعِ شبِ براءَت ۽ اِجتماعِ شبِ قدر وغيره) جا اجتماع، سڄي رمضان/آخري عشري جو اجتماعي اعتڪاف وغيره سان به دِين و سُنّت جو ڪم ٿي رهيو آهي۔

مُنَـظَّم طريقي سان مدَني ڪمن کي تيزي سان اڳتي کان اڳتي وڌائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي کي وڏي رقم جي ضرورت هوندي آهي، اوهان به پنهنجا مدني عطيات دعوتِ اسلامي کي ڏيو، نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجي هن مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو۔ اوهان سان گذارش آهي ته ملڪ وبيرونِ ملڪ دعوتِ اسلامي جي زيرِ انتظام هلندڙ مدارسُ المدينه، جامعاتُ المدينه ۽ ٻين شعبن جي تمام اَخراجات جي لاءِ پنهنجي مدني عطيات (چندي) سان تعاوُن فرمايو ۽ ثوابِ جاريه جا حق دار بڻجي وڃو۔ ياد رکو! دعوتِ اسلامي جي شعبن جا اَخراجات هر سال وڌندا پيا وڃن، اسان کي پنهنجي دعوتِ اسلامي جي ڪم کي هلائڻو آهي، دعوتِ اسلامي جي مدني ڪم ۽ مدني پيغام کي سڄي دُنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻو آهي، بلڪ هن