Book Name:Jahannam Ki Sazaaen
یَّتَجَرَّعُهٗ وَ لَا یَكَادُ یُسِیْغُهٗ وَ یَاْتِیْهِ الْمَوْتُ مِنْ كُلِّ مَكَانٍ (پ۱۳، ابراھيم:۱۷)
ترجمو ڪنز الايمان: سخت مشڪل سان ڍڪ ڍڪ ڪري ان کي پيئندو ۽ نڙي کان هيٺ لهڻ جي اميد ڪانه هونديس ۽ کيس هر طرف کان موت ايندو.
حضرت سيدُنا صالح رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مان اهو ٻڌي روئي پيس ۽ پنهنجي دل ۾ چيم: مان ڪنهن ٻي وادي ۾ آهيان ۽ (هي نيڪ ٻانها) ڪنهن ٻي وادي جا رهواسي آهن۔ (الله والوں کی باتيں، ۶/۳۰۵۔۳۰۶)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي اسان حڪايت جي دوران جيڪا آيت سڳوري ٻُڌي آهي، تفسير صراطُ الجِنان ۾ هن آيتِ ڪريمه تحت آهي: جهنم ۾ جهنمي کي جڏهن پونء ڀريو پاڻي پيئاريو ويندو ته ان جي ڪوڙاڻ جي ڪري وڏي مشڪل سان ٿورا ٿورا ڍڪ ڀريندو ۽ ان جي قباحت ۽ ڪراهت جي ڪري ائين نه لڳندو جو ان کي نڙي کان هيٺ لاهي سگهي ۽ مختلف عذابن جي صورت ۾ هر پاسي کان موت جا سبب ان وٽ ايندا، پر اهو مرندو نه جو مري ڪري ئي راحت ماڻي ۽ ان کي هر عذاب کان پوءِ ان کان وڌيڪ شديد ۽ سخت عذاب ٿيندو۔ (صراط الجنان،٥/۱۵۸) الله پاڪ اسان کي جهنم ۽ ان جي عذابن کان محفوظ فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
اچو! گڏجي جهنم کان آزادي ۽ شبِ قدر جي دعا ڪريون ٿا: اَللّٰھُمَّ اَجِرۡ نِيۡ مِنَ النَّار اي الله مون کي (جهنّم جي) باھ کان نجات عطا فرما.
اَللّٰھُمَّ اِنَّک عَفُوٌّ تُحِبُّ الْعَفْوَ فَاعْفُ عَنَّا اي الله! بيشڪ تُون معاف ڪرڻ وارو آهين، معاف ڪرڻ کي پسند ڪرين ٿو، پوءِ اسان کي معاف فرمائي ڇڏ۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! اسان جا بزرگانِ دِين جهنم جي خوف سبب ڪيترا بيقرار رهندا ها، انهن جو حال اهو هو جو جيڪڏهن دُکندڙ تندور