Jahannam Ki Sazaaen

Book Name:Jahannam Ki Sazaaen

حضرت سيدُنا ابراهيم محلي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو بيان آهي ته مان حضرت سيدُنا عطاء سَليمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي گھر ويس مون انهن کي گھر ۾ نه ڏٺو، اوچتو مون کي پاڻ هڪ ڪمري جي ڪنڊ ۾ ويٺل نظر آيا ۽ سندن آس پاس واري جڳهه آلي ٿي رهي هئي۔ مون گمان ڪيو ته پاڻ هتي وضو ڪيو هوندو ۽ اهو انهيء جو اثر آهي۔ ته مون کي سندن جي گھر ۾ رهڻ واريءَ هڪ پوڙھيءَ عورت ٻڌايو ته اها زمين سندن لڙڪن جي ڪري آلي ٿي آهي۔

حضرت سيدُنا صالح مُرّي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  بيان ڪن ٿا ته حضرت سيدُنا عطاء سَليمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجو پاڻ تي تنگي ڪندا هئا ايستائين جو ڪمزور ٿي ويا۔ مون ان کي چيو: اوهان پنهنجو پاڻ تي تنگي ڪئي آهي ۽ مان اوهان کي هڪ شيء موڪليندس، تحفو واپس نه موٽائجو۔ حضرت سيدُنا عطاء سَليمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: اوهان جيڪو چاهيو ٿا ڪري وٺو۔ پوءِ مون جيڪو بهترين قسم جو سَتُّو دستياب ٿي سگھيو اهو ۽ گھي خريد ڪيو ۽ انهن ٻنهي کي ملائي سندن لاءِ شربت بڻايو ۽ ان کي مٺو ڪيو ۽ ان کي پنهنجي پٽ هٿان سندن وٽ موڪلي ڇڏيو ۽ گڏ هڪ پيالو پاڻي جو موڪليو ۽ پنهنجي پٽ کي چيو: جيستائين حضرت عطاء رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان کي پيء نه وٺن اتان نه اُٿجان۔ منهنجو پٽ واپس آيو ۽ اچي ٻڌايائين ته انهن پيء ورتو آهي۔ جڏهن ٻيو ڏينهن آيو ته مون وري ساڳيو ئي شربت پنهنجي پٽ هٿان موڪليو۔ منهنجو پٽ واپس آيو ۽ ٻڌايائين انهن ناهي پيتو۔ مان حضرت عطاء رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ آيس ۽ سندن کي ملامت ڪندي چيو: سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! منهنجو تحفو اوهان موٽائي ڇڏيو، جڏهن ته اهو اوهان جي لاءِ نماز ۽ ذِڪرُ الله تي معاون (يعني مددگار) آهي ۽ قوت ڏيندو آهي۔ انهن جڏهن منهنجي ڪاوڙ ڏٺي ته فرمايائون: اي ابُو بشر! الله پاڪ توهان کي بُرائي نه پهچائي! جڏهن توهان پهرين ڀيري موڪليو ته مون پيء ورتو هو ۽ جڏهن توهان ٻيو ڀيرو موڪليو ته مون پاڻ کي ان جي پيئڻ تي مائل ڪيو پر مان پيئڻ تي قادر نه ٿي سگھيس، مان جڏهن به ان کي پيئڻ جو ارادو ڪيان ٿو ته مون کي الله پاڪ جو اهو فرمان ياد اچي ٿو: