Jahannam Ki Sazaaen

Book Name:Jahannam Ki Sazaaen

هڏيون گوشت کان خالي رهجي وينديون پوءِ انهن جا روح انهن جي رڳن ۽ نسن ۾ اٽڪيل هوندا ۽ انهن جون رڳون جهنم جي ساڙيندڙ باھ جي تپش سان سُڪي وينديون گڏوگڏ ئي اهي موت جي تمنا به ڪندا پر انهن کي موت نه ايندو۔ (احياء العلوم،۵/۷۲۱،۷۲۲بتغير قليل)

الٰہی! جَہَنَّم سے آزاد کر دے

میں فِردَوس میں داخِلہ مانگتا ہوں

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! ڪيترا عبرت ناڪ منظر هوندا، اڄ جيڪڏهن ڪو حادثي ۾ زخمي ٿي وڃي، ان جي جسم جون هڏيون ٽٽي پون، کل ڦاٽي پوي، زخمن مان رت وهڻ لڳي، ته اهو دانهون ۽ رڙيون ڪرڻ لڳندو آهي، دنيا ۾ پيش ايندڙ اهڙا منظر ڏٺا ناهن ويندا، سوچيو ته ڪنهن سان اهو سڀ ٿي رهيو هوندو، ان تي ڇا گذري رهيو هوندو۔ اها ته دنيا جي ڳالھ آهي جهنم جي عذابن جو ته هن دنيا جي وڏي کان وڏي تڪليف کان به ڪو مقابلو نه آهي۔ الله پاڪ اسان کي دنيا ۾ به ۽ سڀاڻي آخرت ۾ به هر طرح جي تڪليفن ۽ عذابن کان نجات عطا فرمائي۔

اچو! گڏجي جهنم کان آزادي ۽ شبِ قدر جي دعا ڪريون ٿا: اَللّٰھُمَّ اَجِرۡ نِيۡ مِنَ النَّار اي الله مون کي (جهنّم جي) باھ کان نجات عطا فرما ءِ

اَللّٰھُمَّ اِنَّک عَفُوٌّ تُحِبُّ الْعَفْوَ فَاعْفُ عَنَّا اي الله! بيشڪ تُون معاف ڪرڻ وارو آهين، معاف ڪرڻ کي پسند ڪندو آهين، پوءِ اسان کي معاف فرمائي ڇڏ۔

اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي سيکارڻ جي لاءِ ڪثرَت سان جَهنَّم جي عَذاب کان پَناھ گھرندا هئا۔

    (مسلم، ڪتاب المساجد، باب ما يستعاذ منه في الصلاة، ص۲۳۴، حديث: ۱۳۳ ، بهارِ شريعت،۱/۱۶۳)