Book Name:Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً الله پاڪ جي رحمت جي ڪا حد نه آهي، نيڪ هجي يا بد، پرهيزگار هجي يا بدڪار، فرمانبردار هجي يا نافرمان ۽ خطا ڪار، ربّ جي رحمت سڀني کي ملندي آهي۔
منقول آهي حضرتِ سيدُنا موسيٰ ڪليمُ الله عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام پنهنجي دُعا ۾ عرض ڪيو: يارَبّ! الله پاڪ ارشاد فرمايو: لَبَّيڪ يا مُوسٰي! پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم عرض ڪيو: مَولا! تون ته مالڪ آهين، منهنجي ڪهڙي حيثيت جو تون مون کي لبيڪ چئي جواب ڏين۔ ته الله پاڪ ارشاد فرمايو: مون کي اهو پسند آهي ته جيڪڏهن ڪو ٻانهو مون کي ”يا ربّ“ پڪاري ته مان ان کي ”لبيڪ“چئي جواب ڏيان۔
حضرتِ سيدُنا موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم عرض ڪيو: يا ربّ! ڇا اهو هر فرمانبردار ٻانهي جي لاءِ آهي؟ رب پاڪ فرمايو: ها! بلڪ هر گنهگار ٻانهي جي لاءِ به آهي۔ ان تي حضرتِ سيدُنا موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم عرض ڪيو: فرمانبردار جي لاءِ ته ان جي اطاعت جي سبب آهي ۽ گنهگار تي اهو ڪرم ڪهڙي سبب؟ الله پاڪ جواب ارشاد فرمايو: اي موسيٰ! جيڪڏهن مان ڀلائي ڪرڻ واري کي ان جي ڀلائي جو بدلو ڏيان ۽ بُرائي ڪرڻ واري تي ان جي بُرائي جي ڪري احسان نه ڪيان ته منهنجو جُود ۽ ڪرم ڪيڏانهن ويندو؟ (حڪايتيں ۽ نصيحتيں، ص ٦٤١بتغير)
سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي رحمت ته اسان گناهگارن تي مِينهن وانگر وسي رهي آهي، پر اسان نادان ان جي رحمت کان پري گناهن ۾ ڦاٿل آهيون، الله پاڪ جي بارگاھ کان پري دنيا جي چڪرن ۾ ڦاٿل آهيون، ڏينهن رات الله پاڪ جي نافرمانين ۾ لڳل آهيون، نماز روزي کان پري گناهن جي دلدل ۾ دٻجندا پيا وڃون، اچو اچو! پنهنجو ڪنڌ ربِ ڪريم جي بارگاھ ۾ جھڪائي وٺو، پنهنجي گناهن کان سچي توبه ڪري ان کي راضي ڪري وٺو، ان جي رحمتن کي ماڻڻ جي لاءِ نيڪ، نمازي ۽ سنّتن تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃو۔