Book Name:Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay
ان جي رحمت ئي ته آهي جو گناهن جي ڪثرت جي باوجود اهو سميع ۽ بصير ربّ اسان کي پيرن جي نعمت کان محروم ناهي ڪندو۔ اها ان جي رحمت ئي ته آهي جو گناهن جي ڪثرت جي باوجود اهو عليم ۽ خبير ربّ اسان کي هٿن جي نعمت کان محروم ناهي ڪندو۔ اها ان جي رحمت ئي ته آهي جو اهو عزيز ۽ عليم ربّ اسان جي کوڙ سارن گناهن ۽ نافرمانين جي باوجود صحيح سلامت رکي ٿو۔ اها ان جي رحمت ئي ته آهي جو گناهن جي ڪثرت جي باوجود اهو بي نياز ربّ اسان کي ڏنل پنهنجون نعمتون اسان کان واپس ناهي وٺندو۔ يقيناً ان جي رحمت بي حساب آهي۔ اهو اَرْحَمُ الرَاحِمِين ربّ، گناهگارن کي آٿت ڏيندي ۽ اُنهن کي بخشش جي خوشخبري ٻُڌائيندي سيپاري 24 سُورَةُ الزُّمُر جي آيت نمبر53 ۾ارشاد فرمائي ٿو:
قُلْ یٰعِبَادِیَ الَّذِیْنَ اَسْرَفُوْا عَلٰۤى اَنْفُسِهِمْ لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَةِ اللّٰهِؕ-اِنَّ اللّٰهَ یَغْفِرُ الذُّنُوْبَ جَمِیْعًاؕ-اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِیْمُ(۵۳)
تون فرماءِ: اي منهنجا اهي ٻانهؤ! جن پنهنجو پاڻ تي زيادتي ڪئي الله جي رحمت کان نااميد نه ٿيو، بيشڪ اهو بخشڻهار مهربان آهي.
هن آيت مان معلوم ٿيو ته ٻانهي کان توڙي جو وڏا وڏا ۽ بي شمار گناھ ٿيا هجن پر ان کي الله پاڪ جي رحمت ۽ مغفرت مان مايوس (Disappointed) نه ٿيڻ گھرجي، ڇوته الله پاڪ جي رحمت بي انتها وسيع آهي ۽ ان جي بارگاھ ۾ توبه جي قبوليت جو دروازو تيستائين کُليل رهندو آهي جيستائين ٻانهو موت جي وقت سڪرات جي حالت تائين ناهي پهچي ويندو، ان وقت کان پهريان پهريان ٻانهو جڏهن به الله ڪريم جي بارگاھ ۾ پنهنجي گناهن کان سچي توبه ڪندو ته الله پاڪ پنهنجي فضل ۽ رحمت سان ان جي توبه قبول ڪندي ان جا سمورا گناھ معاف فرمائي ڇڏيندو۔ (صراط الجنان، ۸/۴۸۷)