Book Name:Allah Ki Rahmat Boht Bari Hay

مان تون کي جهنم کان نجات ڏئي جنت ۾ داخل فرمائي ڇڏيان ته پوءِ ڇا تون پنهنجي گناهن ۽ خطائن جو اعتراف ڪري وٺندين؟ اهو شخص عرض ڪندو: مالڪ! تنهنجي عزّت ۽ جلال جو قسم! جيڪڏهن تون مون کي دوزخ کان بچائي وٺين ته مان پنهنجي تمام گناهن ۽ خطائن جو اعتراف ڪري وٺندس۔ خطائن جي اعتراف کانپوءِ اهو شخص پُل صراط ٽپي ڪري وٺندو (۽ جهنم ۾ ڪِرڻ کان بچي ويندو۔) پُل صراط ٽپڻ کان پوءِ دل ئي دل ۾ سوچيندو ته جيڪڏهن مان الله پاڪ جي اڳيان پنهنجي گناهن ۽ پنهنجي خطائن جو اعتراف ڪري ورتو ته هو ضرور مون کي واپس دوزخ ۾ وجهي ڇڏيندو۔ انهيء دوران الله پاڪ ان کي فرمائيندو: اي منهنجا ٻانها! تون منهنجي اڳيان پنهنجي گناهن ۽ پنهنجي خطائن جو اعتراف ڪر! مان تنهنجا تمام گناھ بخشي ڇڏيندس ۽ تون کي جنت ۾ داخل ڪندس۔ ته اهو شخص عرض ڪندو: اِلاهي! تنهنجي عزّت جو قسم! نه ته مون ڪڏهن ڪو گناھ ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ڪا مون کان خطاء ٿي آهي۔ الله پاڪ ان کي فرمائيندو: منهنجا ٻانها! مون وٽ تنهنجي خلاف گواھ موجود آهن۔ اهو ٻڌي هو هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو، پر ان کي ڪوبه اهڙو گواھ نظر نه ايندو ته اهو چوندو: اِلاهي! مون کي ڏيکار! اهي گواھ ڪٿي آهن؟ پوءِ الله پاڪ ان جي عضون کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا ڪندو ته اهي صغيره گناھ ٻڌائڻ شروع ڪندا۔ ٻانهو جڏهن اهو ڏسندو ته چوڻ لڳندو: اي منهنجا مالڪ! تنهنجي عزّت جي قسم! منهنجا ڪيئي لڪيل ڪبيره گناھ به آهن۔ پوءِ الله پاڪ ان کي فرمائيندو: منهنجا ٻانها! مان تنهنجي گناهن کي تو کان وڌيڪ ڄاڻان ٿو، بس تون منهنجي اڳيان هڪ ڀيرو انهن جو اعتراف ته ڪر۔ مان تنهنجا سمورا گناھ به بخشي ڇڏيندس ۽ تو کي جنت ۾ به داخلا عطا فرمائيندس۔ پوءِ اهو شخص پنهنجي گناهن جو اعتراف ڪندو ته الله پاڪ ان کي جنت ۾ داخل فرمائيندو۔         (معجم الڪبير، ۸/۱۵۸، حديث:۷۶۶۹)

           اعليٰ حضرت جي ڀاءُ، مولانا حسن رضان خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڇا خُوب فرمائن ٿا: