Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat
قرآنِ پاڪ سمجھڻ جي لاءِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ترجمو ڪنزالايمان سان گڏ علماءِ اهلسنّت جا تفسير پڙھڻ به ضروري آهن، لهٰذا خزائن العرفان، نور العرفان، صراط الجنان روزانو پڙھون۔
اهڙي طرح تفسير صراطُ الجنان جو به وقت بوقت مطالعو ڪريو۔ اچو تفسير صراط الجنان جون پنج (5) نمايان خصوصيتون به ٻڌون ٿا: ﴿1﴾ تفسيرصِراطُ الجنان ۾ هر آيت جا 2 ترجما ڏنا ويا آهن، هڪ سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪنزالايمان مان، ٻيو ترجمو آسان اُردو ۾ ڪنزُالعرفان جي نالي سان ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ گھڻو ڪري ڪنزالايمان مان ئي فائدو ورتو ويو آهي۔﴿2﴾ تفسير صِراطُ الجنان ۾ قابلِ اعتماد علماءِ ڪرام جي قديم ۽ جديد قرآني تفسيرن ۽ ٻين اسلامي عُلوم تي لکيل ڪتابن، خاص ڪري اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي لکيل ڪثير ڪتابن مان ڪلام اَخذ ڪري آسان انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي۔ ﴿3﴾تفسير صِراطُ الجنان نه وڌيڪ ڊگھو آهي نه ئي نهايت مختصر، بلڪه متوسط ۽ جامع آهي۔ ﴿4﴾ تفسير صِراطُ الجنان ۾ وس آهر آسان انداز اختيار ڪيو ويو آهي ته جيئن عام اسلامي ڀائر يا اسلامي ڀينرن به هن مان فائدو حاصل ڪري سگھن۔ ﴿5﴾تفسير صِراطُ الجنان ۾ اعمال جي اِصلاح جي لاءِ مُعاشرتي بُرائين جو تذڪرو ۽ معاشرتي برائين جا عذاب بيان ڪيا ويا آهن۔
الله پاڪ اسان کي قرآن پڙھڻ، سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! الله پاڪ قرآنِ ڪريم جي ڪيترين ئي آيتن سڳورين ۾ ان جي نازل ڪرڻ جي مقصد کي بيان فرمايو ۽ ان تي عمل جي ترغيب ارشاد فرمائي آهي۔ جيئن ته سيپاري 8سُورَة الْاَنْعَام جي آيت نمبر 155 ۾ ارشادِ رَبِّ ڪريم آهي۔