Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat
حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: گھر جي آبادي انسان ۽ سامان سان ٿيندي آهي، دل جي آبادي قرآن سان ٿيندي آهي، باطن يعني روح جي آبادي ايمان سان ٿيندي آهي ته جنهن کي قرآن بالڪل ياد نه هجي يا ياد ته هجي پر ڪڏهن ان جي تلاوت نه ڪري يا ان جي خلاف عمل ڪري ان جي دل ائين ئي ويران آهي جيئن انسان ۽ سامان کان خالي گھر ويران هوندو آهي۔(مراة المناجيح،۳/۲۳۷ بتغير)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون يقيناً اسان جي لاءِ بهتر اهو ئي آهي ته اسان به قرآنِ ڪريم جي اهميت کي سمجھون، ان جي عظمت ۽ افاديت کي سمجھون ۽ ان سان پنهنجو تعلق مضبوط ڪريون۔ هڪ مسلمان جو سڀ کان وڌيڪ مضبوط تعلق (Connection)قرآنِ پاڪ سان ئي هئڻ گھرجي۔ ٭ هي اهو مُقدَّس ڪتاب آهي جنهن ۾ دنيا جهان جي سمورن مسئلن جو حل مَوجُود آهي۔ ٭ هي اهو مُقدَّس ڪتاب آهي جيڪو اسان کي نيڪين ڏانهن مائل ڪندو آهي، ٭ هي اهو مُقدَّس ڪتاب آهي جيڪو اسان کي اِطاعتِ الٰهي ۽ اتباعِ رسول جو حڪم ڏيندو آهي۔ ٭ هي اهو مُقدَّس ڪتاب آهي جنهن کي پڙھڻ عبادت آهي۔ ٭ هي اهو مُقدَّس ڪتاب آهي جنهن کي ڏسڻ عبادت آهي۔ ٭ هي اهو مُقدَّس ڪتاب آهي جنهن جي تعليمات تي عمل ڪرڻ به عبادت آهي۔ ٭ هي اهو مُقدَّس ڪتاب آهي جنهن ۾ اسان جي لاءِ دِيني، دنياوي، معاشي، سماجي، معاشرتي، اخلاقي اَلغَرَض! تمام پهلوئن جي باري ۾ رهنمائي موجود آهي۔٭ حق ۽ سچ ڇا آهي ؟ اهو به اسان کي قرآن ٻڌائي ٿو، ٭ سڌو ۽ روشن رستو ڪهڙو آهي اهو به اسان کي قرآنِ پاڪ ٻڌائي ٿو۔٭ زندگي ڪيئن بهتر (Better) ٿي سگھي ٿي اهو به اسان کي قرآن ٻڌائي ٿو، ٭ آخرت ڪيئن بهتر ٿي سگھي ٿي اهو به اسان کي قرآن ٻڌائي ٿو۔ ٭ سٺا اخلاق ڪهڙا آهن اهو به اسان کي قرآن ٻڌائي ٿو ٭ بهترين رزق ڇا آهي؟ اهو به اسان کي قرآن ٻڌائي ٿو۔٭ حڪمت ۽ دانائي ڇا آهي اهو به اسان کي قرآن ٻڌائي ٿو ٭ ترقي ۽ عروج ڇا آهي اهو به اسان کي قرآن ٻڌائي ٿو۔ اَلغَرَض! قرآنِ پاڪ ۾ هر شيء جو بيان آهي۔ اسان کي گھرجي ته اسان ان جي اهميت کي سمجھون ۽ ان کي پڙھڻ سمجھڻ کي پنهنجو معمول بڻايون۔