Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat
الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي اخلاص سان گڏ عين شرعي احڪامات جي مطابق مدني عطيات جمع ڪرڻ ۽ انهيء وقت پنهنجي ذميداره کي جمع ڪرائڻ جي توفيق عطا فرمائي.(آمين)
(2) مراٰة المناجيح جلد 3 صفحو نمبر44 تي اچي ٿو ته: مومن ٻانهي جو روزو آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ لٽڪيل رهندو آهي جيستائين صدقه فطر ادا نه ڪيو وڃي. حضرت ابوسعيد خُدري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته ”اسان صدقه فطر هڪ صاع ڪڻڪ، هڪ صاع جَو، يا هڪ صاع پنير، يا هڪ صاع ڪشمش ڪڍندا هئاسين“
صدقه فطر جون مختلف مقدارون سماعت ڪيو: 3840 گرام ڪشمش يا جَو شريف يا کجور يا ان جي رقم 1920 گرام(2 ڪلن مان 80 گرام گهٽ) ڪڻڪ يا ان جي رقم (انهن چئني مان ڪنهن به هڪ مقدار جي مطابق صدقه فطر ادا ڪري سگهجي ٿو)
ياد رهي! هر ملڪ بلڪ شهر ۾ هنن شين جي قيمت ۾ فرق هوندو آهي ۽ وقت به وقت انهن قيمتن ۾ تبديليون به ٿينديون آهن. تنهنڪري پنهنجي پنهنجي شهر ۾ موجوده قيمتن جي مطابق حساب لڳائڻو پوندو. هڪ شهر ۾ رهڻ وارا ٻي شهر جي قيمتن جي مطابق حساب نه لڳائن. جن خوش نصيبن کي الله تعالٰي وڌيڪ مال ۽ دولت سان نوازيو آهي انهن کي گهرجي ته اهي پنهنجي معيارِ زندگي جي مطابق فطرو ادا ڪن ۽ بارگاهه الٰهي عَزَّوَجَلَّ مان گهڻو ثواب ماڻن اِنْ شَآءَ اللہعَزَّ وَجَلَّ
سڀئي اسلامي ڀينرون نيت فرمائن ته هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت ڪنديون سين جيڪڏهن اسان پابندي سان هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾شرڪت ڪنديون سين ته سٺيون سٺيون ڳالهيون سکنديون رهنديون سين اِنْ شَآءَ اللہعَزَّ وَجَلَّ
سڀئي اسلامي ڀينرون هي پمفلٽ”ماهِ رمضان ۾ گناهه ڪرڻ واري جي قبر جو ڀيانڪ منظر“ مڪتبة المدينه کان وڌيڪ تعداد ۾ نه ته گهٽ مان گهٽ 12 يا حسبِ توفيق خريد ڪري تقسيم فرمايو،۽ پنهنجي گهر ۾ ظاهري جڳهه تي