Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat
نقصان ٿيو ته توبهه به ڪرڻي پوندي ۽ گهٽ وڌ واري رقم پنهنجي مال مان ادا به ڪرڻي پوندي.
حضرت عدي بن عمير رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مروي آهي، فرمائن ٿا: حضورِاڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اسان توهان مان جنهن کي ڪنهن ڪم تي عامل بڻايون پوءِ اهو اسان کان سوئي يا ان کان به ننڍي شيءِ لڪائي ته اها خيانت آهي، جنهن کي قيامت جي ڏينهن آڻيندو.“
هن حديث جي شرع ۾ حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: يعني خيانت ننڍي هجي يا وڏي قيامت ۾ سزا ۽ رسوائي جو باعث آهي خاص طور جيڪا خيانت زڪوٰة وغيره ۾ ڪئي وڃي ڇو ته اها عبادت ۾ خيانت آهي ۽ ان ۾ الله جو حق مارڻ آهي ۽ فقيرن کي انهن جي حق کان محروم ڪرڻ، رب تعالٰي فرمائي ٿو.
وَمَنْ یَّغْلُلْ یَاْ تِ بَمَا غَلَّ یَوْمَ الْقِیٰمَۃِ ترجمو ڪنزالايمان: ۽ جيڪو به ڪجهه لڪائي رکندو سو قيامت جي ڏينهن پنهنجي لڪايل شيء کڻي ايندو.(آلِ عمران آيت161) (مراٰة المناجيح شرح مشڪوٰة المصابيح ج 3،ص 15)
تنهنڪري اچو! ملي ڪري سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿيون ته اسان کي جنهن طرح جا به مدني عطيات، زڪوٰة فطره ۽ صدقو وغيره جيڪو ڪجهه ملندو اهو امانداري سان پنهنجي ذميدار اسلامي ڀيڻ تائين پهچائينديون سين ۽ ڪنهن به طرح جي حيلي سان ڪم نه وٺنديون سين ان لاءِ بهتر آهي ته سڀئي اسلامي ڀينرون شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو ڪتاب ”چندي جي باري ۾ سوال جواب “ ۽ ڪتاب ”چندي جون شرعي احتياطون“ ضرور پڙهو. ان جي علاوه مدني مذاڪرا 71،72،73 به ضرور ٻڌو.
مدني عطيات وٺڻ جي حوالي سان هي مدني گل توجه سان سماعت ڪيو ته ڪيش جي صورت ۾ وصول ڪيا ويندڙ مدني عطيات هٿ و هٿ چيڪ ڪري وٺو اهڙا نوٽ جيڪي بند ٿي چڪا هجن يا اهڙي ڪنڊيشن وارا نوٽ يعني(ڦاٽل نوٽ) جيڪي بئنڪ به نه وٺندي هجي ان کي عطيات وٺڻ ۾ احتياط ڪيو.
دعاءِ عطار آهي ته : ”جيڪو مدني عطيات جي لاءِ گهڻي ڀڄ ڊڪ ڪري يا الله عَزَّوَجَلَّ ان کي ان وقت تائين موت نه ڏيجانءِ جيستائين اهو مدينو نه ڏسي وٺي.“