Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

ترغيب طور هڪ حديث مبارڪه ملاحظه ڪيو: حضرت رافع بن خديج رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مروي آهي، فرمائن ٿا: مون حضوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمائيندي ٻڌو: الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا جي لاءِ حق جي مطابق صدقو وصول ڪرڻ وارو پنهنجي گهر موٽڻ تائين الله عَزَّوَجَلَّ جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ واري غازي وانگر آهي.“(سنن ابو دؤد ڪتاب الخراج والامارت الحديث3629 ج 3 ص 235)

تنهنڪري پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي گهرجي ته مدني عطيات جمع ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي رشتيدارن ۽ پاڙيوارين تي انفرادي ڪوشش شروع ڪري ڇڏيون. جيڪي خوش نصيب اسلامي ڀينرون هن ڀيري عمرو ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ واريون هجن انهن جي وڃڻ کان پهريان ئي انهن تي مدني عطيات جي سلسلي ۾ انفرادي ڪوشش ڪيو. پر اجنبي اسلامي ڀينرن ۽ غير محرم تي هرگز انفرادي ڪوشش نه ڪئي وڃي. ان جي علاوه جتي جتي اوهان غسلِ ميت ۽ اجتماعِ ذڪر ۽ نعت جي لاءِ وڃي چڪيون آهيو انهن کان به رابطو ڪري انهن تي انفرادي ڪوشش ڪيو. جو صرف چوڻ سان به اسان دعوت اسلامي کي تمام گهڻو فائدو پهچائي سگهون ٿيون.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مرشد جي توجه سان اسان کي هن عظيم مدني ڪم جي سعادت ملي رهي آهي ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان شيطان جي مڪر ۽ فريب ۾ اچي جيڪڏهن ڪا ناداني ڪري ويهون ۽ ڪا معمولي بي احتياطي اسان کي الله جي رحمت سان پري نه ڪري ڇڏي انهيء ڪري ايمانداري کي پنهنجو شعار بڻايون جو حضرت سيدنا عمر بن خطاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو: ”ڪنهن شخص جي نماز ۽ روزي کان ڌوڪي ۾ نه اچجو جيڪو چاهي نماز پڙهي ۽ جيڪو چاهي روزا رکي پر جيڪو امانت دار نه آهي اهو ديندار نه آهي.“(شعب الايمان)

ياد رهي! ته عفو و درگذر پنهنجي ذات جي حق تلف ٿيڻ تي ٿيندو آهي پر اهڙي غلطي جنهن ۾دعوت اسلامي جي مدني ڪمن جو يا مدني عطيات وغيره جو نقصان ٿئي جيئن عطيات ۾ گهٽ وڌ ڪري ڇڏيو ته هاڻي هتي ڪنهن سان معافي گهري ويندي ڇو ته عطيات ڪنهن نگران جي مِلڪ ته ناهن هوندا پوءِ هي نگران ڪيئن معاف ڪري سگهي ٿو؟ ۽ جيڪڏهن الله نه ڪري ڪڏهن