Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat
مبلغن ۽ مدني قافلن وغيره جي ذريعي سڄي دنيا جي مسلمانن کي قرآن ۽ سنت جو پيغام پهچائڻ جي لاءِ ”مجلس بيرونِ ملڪ“ وغيره وغيره شعبا دعوت اسلامي جي مرڪزي مجلس شورٰي جي تحت رات ڏينهن ڪوشش ڪري رهيا آهن. جهڙي طرح جسم جا سمورا عضو افاديت ۽ اهميت ۾ پنهنجي مثال پاڻ آهن، بلڪل ائين ئي دعوت اسلامي جي انهن شعبن مان هر هڪ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، الغرض جنهن تحريڪ جو ٻج 1981.ء ۾ دعوت اسلامي جي نالي سان لڳايو ويو، اڄ اهو ڪم و پيش 107 کان وڌيڪ مضبوط ڏارين وارو ڇانو ڪندڙ، پاڙ هڻندڙ ۽ ميوو ڏيندڙ وڻ ٿي چڪو آهي جنهن جون ٽاريون 200 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڦهلجي ويون آهن يقينا انهن مدني ڪمن جي لاءِ تمام گهڻي رقم جي ضرورت هوندي آهي.
پياريون اسلامي ڀينرون! رجب المرجب شعبان المعظم ۽ رمضان المبارڪ ۾ مدني عطيات گڏ ڪرڻ جو بهترين موقعو هوندو آهي تنهنڪري اڄ کان ئي ڀرپور ڪوشش ڪري عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ”دعوت اسلامي“ جي مدني ڪمن جي لاءِ پنهنجي زڪوٰة، فطرو، مدني عطيات، صدقات ۽ خيرات وغيره ڏيڻ سان گڏوگڏ ٻين اسلامي ڀينرن کان به گڏ ڪرڻ جي ترڪيب بڻايون ته جيئن اسان جا مدني ڪم پورا ٿي سگهن، چندو موجوده دور جي سخت ضرورت آهي جيئن پياري آقا، ٻن جهانن جي داتا، محبوبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرماِ غيب نشان آهي، ”آخري زماني ۾ دين جو ڪم به درهم ۽ دينار سان هلندو“ (المعجم الڪبير،ج 20ص 279،حديث 660، دار احياء التراث العربي بيروت)
ڪجهه اسلامي ڀينرون مدني عطيات گڏ ڪرڻ ۾ جهجڪ محسوس ڪنديون آهن حالانڪ دين جي سر بلندي جي لاءِ چندو گڏ ڪرڻ پياري آقا محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنّت مان ثابت آهي. غزوه تبوڪ، مسجد نبوي شريف علیٰ صا حبھا الصلوٰۃ والسلام جي تعمير، بيرِ رومه جي خريداي وغيره جي موقعن تي حضوراڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم راههِ خدا عَزَّوَجَلّ ۾خرچ ڪرڻ جي ترغيب ڏياري آهي.
پياريون اسلامي ڀينرون! اوهان به همت ڪيو، جهجهڪ ختم ڪيو ۽ سنتن کي زندهه ڪرڻ جي لاءِ خوب خوب مدني عطيات گڏ ڪيو.