Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat
چيو ويندو آهي جو ڄڻ نالي ئي جو حصو هجي۔ حضرت بي بي خديجه رَضِى الله عَنها عورتن ۾ سڀ کان پهريان اسلام قبول ڪيو، حضرت بي بي خديجه خاتونِ جنت حضرتِ فاطمةُ الزهراء رَضِىَ اللهُ عَنْها جي والِده ماجِده ۽ نوجوانانِ جنت جي سردار حضراتِ حَسَنَينِ ڪرِيمَين رَضِى الله عَنهما جي ناني سائڻ آهن، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها پنهنجي سڄي دولت حُضُورصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قدمن تي قربان ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي سڄي ڄمار حُضُور صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمَت ڪندي گذاري۔ سندن رَضِىَ اللهُ عَنْها جي حَيات ۾ رسولُ الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن ٻيءَ سان نِڪاح نه ڪيائون۔ پاڻرَضِى الله عَنها تقريباً 25 سالن تائين حُضور پرنور صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شريڪِ حيات رهيون ۽ اعلانِ نبوت جي ڏهين سال رمضانُ المبارڪ جي مهيني ۾ وصال فرمايائون، وصال وقت سندن عمر مبارڪ65 سال هئي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها جَنَّتُ الْمَعْلٰي ۾ آرام فرما آهن۔(ماخوز از فيضانِ خديجة الکبريٰ) الله پاڪ جي اُنهن تي رحمت ھجي ۽ اُنهن جي صدقي اسان جي بي حساب بخشش ٿئي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])