Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

مهينن جا نالا تائين ياد ناهن هوندا، اڄ ٻار انگريزي زبان ۾ نظمون ته ياد ڪري وٺندا آهن، پر دِين جي بُنيادي ڳالهين کان بي خبر هوندا آهن۔ يقيناً اها تمام وڏي محرومي جي ڳالھ آهي، ياد رکو! اڄ جيڪڏهن اسان پاڻ به قرآنِ پاڪ پڙھنديون سين ۽ پنهنجي ٻارن کي به هن پاسي مائل ڪنديون سين ته اهي دنيا ۾ به اسان جي لاءِ بهتري جو سبب ٿيندا ۽ آخرت ۾ به ان جا فائدا ظاهر ٿيندا۔ اچو! تلاوتِ قرآن پاڪ جي فائدن بابت بُزرگان ِدِين جا ڪجھ ايمان افروز قول ٻڌون ٿيون:

      (1)حضرت سيدُنا عَمرو بن ميمونرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جنهن فجر نماز پڙھي قرآنِ پاڪ کوليو ۽ ان جي 100 آيتن جي تلاوت ڪئي ته الله ڪريم ان جي لاءِ تمام دنيا وارن جي عمل جي برابر ثواب بلند فرمائيندو۔(دين ودنيا کی انوکھي باتيں،ص۶۲)

      (2) حضرت سيدُناعلي المرتضٰيکرَّمَ الله وَجْهه الْکرِيم فرمائن ٿا: جيڪو شخص نماز ۾ بيهي تلاوتِ قرآن ڪندو ان کي هر اکر جي بدلي 100 نيڪيون جڏهن ته نماز ۾ ويهي تلاوت ڪرڻ واري کي 50 نيڪيون ملنديون۔ جيڪو شخص نماز جي علاوه باوضو قرآن پڙھندو ان کي هر اکر جي عوض 25 نيڪيون جڏهن ته (هٿ لڳائڻ بغير) بي وضو پڙھڻ واري کي 10 نيڪيون ملنديون۔( دين ودنيا کی انوکھي باتيں ،ص۶۲)

      (3) حضرت سيدُناامام شعبي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: زبان، ڪن ۽ دل کي سڌو رکي ٿي، تنهنڪري تلاوت هن طرح ڪريو ته توهان جا ڪن ان کي ٻڌن ۽ دل سمجھي۔( دين ودنيا کی انوکھي باتيں ،ص۶۱)

      (4) حضرت سيدُنا عبدالله بن مسعود رَضِى اللهُ عَنۡه فرمايو:’’ دل ٿانوَن جيان آهن۔ تنهنڪري ان کي قرآنِ پاڪ جي علاوه ڪنهن ٻي شيء کان نه ڀريو۔‘‘(الله والوں ڪي باتيں،ص۲۵۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                  صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْحَمْدُ لِلّٰه رمضان جو بابرڪت مهينو جاري