Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat

نفلن ۾ هر ٽئين رات ۾ هڪ ڀيرو ختمِ قرآن ڪندا هئا۔( ارشاد الساري، ۱/۶۴)

       (3) حضرت امام ڪتاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي باري  ۾ اچي ٿو ته پاڻ الله پاڪ جا اهڙا ولي هئا جو پاڻ طواف جي دوران 12 هزار ڀيرا قرآن ِڪريم جو ختمو ڪڍيو۔(سير اعلام النبلا،۱۴/۵۳۵)

      (4) حضرت ابو بڪر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ پنهنجي زندگي جا 40 سال اهڙي طرح گذاريائون جو هر رات ۽ ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو قرآنِ ڪريم جو ختم ڪندا هئا۔  (سير اعلام النبلا،۸/۵۰۳)

      (5) اسان جا امامِ اعظم سيدُناامام ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه رَمَضانُ المبارَڪ ۾ ايڪهٺ (61) ڀيرا قرآن ڪريم جو ختم پورو ڪندا هئا۔ ٽيهه ڏينهن ۾، ٽيهه راتين ۾ ۽ هڪ تراويح ۾، ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنجيتاليھ سال عشاء جي وضوءَ سان فجر جي نماز ادا فرمائي۔ (بهارِ شريعت حصه ۴ ص ۳۷، از فيضانِ رمضان)

      (6) هڪ روايت جي مطابِق امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه زندگي ۾ 55 حج ڪيائون ۽ جنهن گھر ۾ وفات ڪيائون ان ۾ ست هزار ڀيرا قرآنِ مجيد ختم فرمايائون۔ (عقود الجمان ص ۲۲۱ از فيضانِ رمضان)

      (7) منهنجا آقا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: امام الائمه سيدُنا امام اعظم (ابو حنيفه) رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٽيھ سال ڪامل هر رات هڪ رڪعت ۾ قرآن ڪريم ختم ڪيو آهي۔ ( فتاوٰي رضويه تخريج شده ج ۷ص۶ ۴۷ از فيضانِ رمضان)

(8) حضرتِ سَيدُنا ثابِت بُناني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه روزانو هڪ ڀيرو قرآن پاڪ ختم فرمائيندا هئا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سدائين ڏينهن جو روزو رکندا ۽ سڄي رات قِيام (يعني عبادت) ڪندا هئا، جنهن مسجد وٽان لنگهندا هئا ان ۾ ٻه رڪعتون ”تَحِيَّةُ المسجِد“ ضرور پڙهندا هئا۔ تحديثِ نعمت طور فرمائن ٿا؛ مون جامع مسجد جي هر ٿنڀي وٽ قرآن شريف جو ختمو ڪڍيو ۽ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ گريه و زاري ڪئي آهي۔ نماز ۽ تِلاوت سان کين خصوصي محبت هئي، مٿن اهڙو ته ڪرم ٿيو جو رشڪ اچي ٿو، منقول آهي؛ جڏهن به ماڻهو سندن مزارِ پرُ انوار جي ويجهو کان گذرندا هئا ته قبر مبارڪ مان تلاوت جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو۔ (حلية الاولياء، ۲/۳۶۴- ۳۶۶ ملتقطاً و ملخصاً)