Book Name:Quran-e-Pak Ki Ahmiyat
پنهنجي اهلِ بيت جي باري ۾ الله کان ڊيڄاريان ٿو۔ مان توهان کي پنهنجي اهلِ بيت جي باري ۾ الله کان ڊيڄاريان ٿو۔ (مسلم، ڪتاب فضائل الصحابه،باب من فضائل علي ۔۔۔الخ، ص۱۰۰۸، حديث ۶۲۲۵)
بيان ڪيل آخري حديثِ پاڪ ۾ قرآنِ ڪريم بابت حڪيم الامت حضرت مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيڪو ڪجھ ارشاد فرمايو، ان جو خلاصو مدني گلن جي صورت ۾ ائين آهي:٭ قرآنِ ڪريم ۾ عقائد ۽ اعمال جي رهنمائي آهي۔ ٭ قرآنِ ڪريم دل جو نور آهي۔ ٭ قرآنِ ڪريم قيامت ۾ پُل صراط جو نور آهي۔ ٭ قرآنِ ڪريم کي اهڙي مضبوطي سان پڪڙيو جو زندگي ان جي ڇانو ۾ گذري موت ان جي ڇانو ۾ اچي۔ ٭سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: الله جو ڪتاب ته واضح رهي جو الله جي ڪتاب ۾ سنتِ رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به داخل آهي۔ ڇوته اهو ئي ڪتابُ الله جي شرح آهي ۽ ڪتابُ الله تي عمل ڪرائڻ وارو آهي۔ ٭سنت جي بغير ڪتابُ الله تي عمل ناممڪن آهي۔ ٭اهلِ بيت مان مراد حضور عَلَيه السَّلَام جي اولاد، ازواج ۽ موليٰ علي عَلَيهمُ الرِّضْوَان وغيره آهن۔ ٭ ان جي نافرماني ۽ بي ادبي هر گز نه ڪجو نه ته دِين وڃائي ويهندو۔(مرآة المناجيح، ۸/۴۵۷۔۴۵۸ملخصاً)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون معلوم ٿيو ته اهلِ بيتِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۽ قرآنِ ڪريم سان تعلق مضبوط رهي ته دنيا به بهتر ٿي ويندي ۽ آخرت ۾ به ڪاميابيون نصيب ٿي وينديون۔ ان ڪري اسان کي پاڻ اهلِ بيتِ ڪرام سان به محبت رکڻ گھرجي ۽ قرآنِ ڪريم سان به تعلق مضبوط رکڻ گھرجي۔ اهڙي طرح پنهنجي اولاد ۾ به محبتِ قرآن پيدا ڪرڻ گھرجي ۽ انهن کي به اهل بيت جي محبت سيکارڻ گھرجي ڇوته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: پنهنجي اولاد کي ٽي ڳالهيون سيکاريو (1) پنهنجي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت (2) اهلِ بيت جي محبت (3) تلاوتِ قرآن۔
(الجامع الصغيرلسيوطي،باب الهمزه،الحديث۳۱۱،ص۲۵)
يقيناً جيڪا اسلامي ڀيڻ قرآنِ ڪريم سان دل لڳائيندي آهي، الله پاڪ اُن تي رَحمتن جي بارش ڪندو آهي، ان جي تلاوت ڪرڻ واريءَ کي دنيا ۽ آخرت