Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan
آهي۔ ٭ پهريان وارا ماڻهو رمضان اچڻ کان پهريان پنهنجي مصروفيت ختم ڪري پاڻ کي اطاعت ۽ بندگي ۾ مصروف ڪندا هئا جڏهن ته اڄ ماڻهو رمضان اچڻ کان پهريان هن مهيني ۾ مال دولت ڪمائڻ جون ترڪيبون سوچي ان تي عمل ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندا آهن۔ ٭ پهريان وارا ماڻهو رمضان ۾ وڌ کان وڌ نيڪيون ڪمائڻ جي جستجو ۾ لڳل رهندا هئا جڏهن ته اڄڪلھ هن ۾ وڌ کان وڌ پيسو ڪمائڻ جي سوچ عام ٿيندي پئي وڃي۔ ٭ پهريان وارا ماڻهو رمضان کي پنهنجي لاءِ نيڪيون ڪمائڻ جو موسم شمار ڪندا هئا جڏهن ته اڄڪلھ رمضان کي مال ڪمائڻ جو سيزن سمجھيو ويندو آهي۔ ٭ پهريان وارا ماڻهو رمضان ۾ وڌ کان وڌ وقت رضاءِ الٰهي جي حصول ۾ گذاريندا هئا جڏهن ته اڄڪلھ هن مهيني ۾ وڌيڪ پيسا ڪمائڻ جي لاءِ اوور ٽائم لڳائڻ جو رجحان گهڻو آهي، افسوس! صد افسوس! هاڻي ته حال هي ٿي چڪو آهي جو معاذ الله رمضان جا فرض روزا به بلاعذّر شرعي ڇڏڻ جو رواج بڻجندو پيو وڃي۔ ٭ ڪجھ گرمي گھڻي ٿي ته روزو ڇڏي ڏنو۔ ٭ مٿي ۾ معمولي سور آهي ته روزو ڇڏي ڏنو۔ ٭ ٿورڙي طبيعت خراب ٿي ته روزو ڇڏي ڏنو۔ ٭ ڪم وڌيڪ ڪرڻو آهي ته روزو ڇڏي ڏنو۔ ٭ اوور ٽائم لڳائڻو آهي ته روزو ڇڏي ڏنو۔ ٭ ٿورو سفر ڪرڻو آهي ته روزو ڇڏي ڏنو۔
يقيناً هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجھ خاص صورتن ۾ روزو ڇڏڻ جي اجازت آهي پر ان جو فيصلو هر هڪ نٿو ڪري سگھي بلڪ ڪنهن ماهر مفتي صاحب کان پنهنجي محرم جي ذريعي شرعي رهنمائي وٺي ئي روزو ڇڏڻ جو فيصلو ڪري سگھي ٿو پر پنهنجي مرضي سان پاڻ ئي فيصلو ڪري روزو ڇڏي ڏيڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي؟ پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!الله پاڪ جا نيڪ ٻانها رمضان جا ايتري قدر شيدائي هوندا هئا جو گھٽ عمر ۾ به سخت گرمي ۾ بک اڃ برداشت ڪري روزو رکندا هئا ۽ پوءِ ان کي پورو ڪرڻ جو به اهتمام فرمائيندا هئا۔ اچو! انهيء ضِمن ۾ هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌو ۽ پنهنجي اندر روزو رکڻ جو حرص پيدا ڪريو۔
اعليٰ حضرت جو روزو کولرائڻ جي تقريب
اعليٰ حضرت،امامِ اهلِسنت مولانا امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جي روزي ڪشائي جي تقريب جو احوال بيان ڪندي مولانا سيد ايوب علي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى