Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan
اچو! سڀ کان پهريان رمضان المبارڪ ۾ نيڪين جي ترغيب تي مشتمل اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو ايمان افروز خطبو ٻڌون ٿيون ۽ خُوب خُوب نيڪيون ڪري رمضان المبارڪ کي خوش آمديد چوڻ جي نيت ڪريون ٿيون،
اِستِقبالِ رَمَضَان بابت نصيحت ڀريو خطبو
منقول آهي ته جڏهن رمضان المبارڪ ايندو هو ته امير المومنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پهرين رمضان المبارڪ جي رات نماز مغرب کان پوءِ ماڻهن کي نصيحت ڀريو خطبو ڏيندي ارشاد فرمائيندا هئا: اي انسانو! ويهي رهو، بي شڪ هن مهيني جا روزا توهان تي فرض ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هن ۾ نفلن جي ادائيگي فرض نه آهي، تنهنڪري جيڪو به نفل ادا ڪرڻ جي استطاعت رکندو هجي ته ان کي گھرجي ته هو نفل ادا ڪري ڇوته هي اهي بهترين نفل آهن جنهن جي باري ۾ الله پاڪ اِرشاد فرمايو آهي ۽ جيڪي نفل جي ادائيگي جي اِستطاعت نٿا رکن انهن کي گھرجي ته سمهي رهن۔ توهان مان هر ٻانهو هي چوندي ڊڄي ته جيڪڏهن فلاڻو شخص روزو رکندو ته مان روزو رکندس، ۽ جيڪڏهن فلاڻو شخص نفل ادا ڪندو ته مان به نفل پڙھندس۔ جيڪو به روزو رکي يا نفل ادا ڪري ته الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ڪري۔ توهان مان هر شخص کي اها ڳالھ معلوم هئڻ گھرجي ته جيستائين هو نماز جي انتظار ۾ هوندو آهي حقيقت ۾ نماز ئي ۾ هوندو آهي۔ پوءِ پاڻ رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه 3 ڀيرا هي ارشاد فرمايو: أَلاَ لاَ يَتَقَدَّمَنَّ الشَّهْرَ مِنْكُمْ أَحَدٌ يعني خبردار! توهان مان ڪو به هن مبارڪ مهيني کي فضول نه گذاري. (مصنف عبدالرزاق، ڪتاب الصيام،باب قيام رمضان، ۴/۲۰۴، حديث:۷۷۷۸ ملتقطاً)
شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ رمضان المبارڪ جي آمد تي خوشي ۽ مَسَرَّت جو اظهار ڪرڻ، ربِّ ڪريم جي هن عظيم نعمت تي شُڪر جو اظهار ڪرڻ ۽ هن مغفرت واري مهيني جي عظمت ۽ اَهمِّيت کي اُجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ تمام خوبصورت ۽ پيارو ڪلام لکيو آهي: